مخدوم خاندان هميشه پيپلز پارٽي سان نڀايو آهي:مخدوم جميل

ڀٽ شاهه(ن س)هالا ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي 55 هين يوم تاسيس جي موقعي تي جلسو منعقد ڪيو ويو، سروري جماعت جي روحاني پيشوا ۽ پ پ ايم اين اي مخدوم جميل الزمان ۽ صوبائي وزير روينيو مخدوم محبوب الزمان جي صدارت ۾ منعقد ڪيل جلسي ۾ درگاهه ڀٽائي جي قائم مقام سجاده نشين سيد خاور حسين شاه لطيفي ، سيد امير علي شاهه هاشمي، سيد ممتاز شاهه ، رئيس عمران راهو، رئيس نورل خان نظاماڻي، سيد احسن عباس شاہ ، سيد رضا رضوي ، سيد محمد علي شاھ اجناڻي، مير مسرت جعفري ، گل محمد پنھور وسيم احمد ٻگهيو ، شير خان ڏاهري سميت هزارين ڪارڪنن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي پاڪستان تي پيپلزپارٽي جي 55 هين يوم تاسيس جو ڪيڪ به ڪٽيو ويو ،يوم تاسيس جي موقعي تي منعقد ڪيل جلسي کي خطاب ڪندي مخدوم جميل الزمان ۽ صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان جو چوڻ هو ته پيپلزپارٽي جي شروعات ھالا مان ٿي آهي اڄ ان جي يوم تاسيس جو وڏو جلسو به هالا ۾ ٿي رهيو آهي مخدوم خاندان هميشه پارٽي سان نڀايو آهي ۽ اهو ساٿ هميشه جاري رهندو، هنن چيو ته پيپلزپارٽي عوامي پارٽي آهي ايندڙ اليڪشن ۾ پوري ملڪ مان پارٽي وڏي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪندي ۽ ملڪ جو ايندڙ وزير اعظم بلاول ڀٽو زرداري هوندو، ملڪ ۾ آرمي چيف جي مقرري فوج طرفان ٿيڻ گهرجي پاڪ فوج تي تنقيد غلط عمل آهي ان موقعي تي صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان اعلان ڪيو ته هالا مان قبضا خوري جلد ختم ڪرائي ويندي ۽ سنڌ حڪومت طرفان جلد هالا ۾ دل جي اسپتال جو قيام به عمل ۾ آندو ويندو، جلسي کي سيد خاور حسين شاه ،سيد امير علي شاهه هاشمي، سيد ممتاز شاهه ، سيد محمد علي شاھ اجناڻي ۽ ٻين به خطاب ڪيو،

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں