ملير:مختلف يوسين ۾ مڇر مار اسپري مشينون ورهايون ويون

ملير(ڊ.ر) ايڊمنسٽريٽر ضلع ڪائونسل ڪراچي نور حسن جوکيو چيو ته اسان سڀ سرڪاري وسيلن جا امانتدار آهيون ۽ عهد ڪريون ٿا ته 100 سيڪڙو ذميواريون نڀائڻ ۾ ڪنهن به صورت ۾ ڪوتاهي نه ڪنداسين، عوام جا وسيلا کين رليف فراهم ڪرڻ ۾ استعمال ڪيا وڃن، جنهن تي اسان جو ادارو سختي سان عمل ڪري رهيو آهي، يونين ڪائونسل جا سيڪريٽري پنهنجي لاڳاپيل يونين ڪائونسل ۾ رهندڙ معززين سان مڪمل رابطو رکن.انهن مسئلن جي نشاندهي ڪرڻ لاءِ جيڪي اتي ظاهر آهن،يونين ڪائونسل اسان جي ڪنٽرول هيٺ ناهي، ان جي باوجود اسان ساڻن تعاون ڪريون ٿا ته جيئن مقامي ماڻهن کي تڪليف نه ٿئي، سنڌ حڪومت حشرات جي خاتمي لاءِ مختلف پروگرام ڏئي رهي آهي، جنهن تي هر ادارو پنهنجي حصو جو ڪم سرانجام ڏئي رهيو آهي، ان سلسلي ۾ ضلعي ڪائونسل کي اسپري مشين خريد ڪري پنهنجي حد جي هر يونين ڪائونسل ۾ تقسيم ڪري، الحمدلله اسان ان لاءِ هڪ ڪميٽي ٺاهي آهي، جنهن مختلف ڪمپنين وٽ وڃي انهن جي ڪارڪردگي چيڪ ڪئي، جنهن بعد اسپري مشينون خريد ڪيون ويون، ڪو به ڪم ننڍو يا وڏو نه هوندو آهي، ان کي ڪرڻ ۾ اخلاص جي ضرورت هوندي آهي ته جيئن شاندار نتيجا حاصل ڪري سگهجن، اهڙن خيالن جو اظهار ايڊمنسٽريٽر نور حسن جوکيو ضلع ڪائونسل جي حد ۾ قائم يونين ڪائونسلن ۾ اسپري مشين کي تقسيم ڪندي ڪيو، ان موقعي تي چيف آفيسر اياز حميد الله بلوچ، ڊائريڪٽر ايڊمن شريف شيخ، سينيئر فنانس آفيسر افتخار دايو، ڊائريڪٽر سينيٽيشن مشتاق مٽو، ڊائريڪٽر فومنگيشن شفيع بلوچ، سينيئر فنانس آفيسر محسن جکراڻي، يونين ڪائونسل سيڪريٽريز غلام رسول بلوچ، آصف مرزا، فهيم جوکيو، جليل ميمڻ، امتياز علي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا،ضلعي انجنيئر ممتاز زرداري، ايڪسين نور احمد جمالي، انجنيئر وسيم آرائين اسپري مشين ۽ ان جي استعمال بابت مڪمل بريفنگ ڏني.ان موقعي تي ايڊمنسٽريٽر وڌيڪ چيو ته اسان پنهنجو ڪم ايمانداري سان ڪيو آهي، هاڻي هي يونين ڪائونسل جو فرض آحي ته هو پنهنجي ذميداري نڀائن وسيلن جي گهٽتائي سان مشڪلات ضرور ايندي آهي پر جيڪڏهن محنت ڪرڻ جي لگن سچي آهي ته پوءِ ڪاميابيءَ جو هڪ اهڙو رستو به شروع ڪيو پيو وڃي، جنهن ۾ گڏيل قومن جي سڀني ڪائونسلن جي ڀائيواري سان معاملا وڌيڪ مضبوطيءَ سان ڪيا ويندا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں