ميرپورخاص ۾ پي ٽي آءِ ليڊيز ونگ جو اعظم سواتي جي گرفتاري خلاف احتجاجي مظاهرو

ميرپورخاص (بيورورپورٽ)مولانا فضل الرحمان پاران عورتن خلاف نازيبا لفظ استعمال ڪرڻ ۽ سينٽر اعظم سواتي جي گرفتاري خلاف پي ٽي آئي ليڊيز ونگ پاران ھٿن م پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن ڪنول اعجاز ، شبانا رند ، شمائلا جٽ ۽ ٻين چيو ته پيرسن شخص سينيٽر اعظم سواتي جي گرفتاري جي سخت مذمت ڪريون ٿا جڏهن ته مولانا فضل الرحمان پاران عورتن خلاف نازيبا لفظ ڳالهائڻ وارو عمل انتهائي افسوسناڪ عمل آهي جنھن سان سڄي ملڪ جي عورتن جي عزت مجروح ٿي پاڻ کي عالم دين سڏائيندڙ شخص جي اھڙي ڪريل حرڪت ڪنھن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي فوري طور مولانا فضل الرحمان کي معافي وٺڻ گھرجي ھنن مطالبو ڪندي چيو ته فوري طور سينيئر اعظم سواتي کي آزاد ڪيو وڃي ٻيصورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں