نوشهرو فيروز ۾ ايڊز جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي ريلي ڪڍي وئي

نوشهروفيروز( ڊ ر) پاڻ تي ڪنٽرول ڪري پنهنجي حياتي ايڊز جي مرض کان بچايو نوشهروفيروز ۾ ايڊز جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي هيلٿ کاتي پاران هڪ وڏي ريلي ڪڍي وئي سول اسپتال کان مڊوائفري اسڪول تائين نڪتل ريليء جي اڳواڻي ڊي ايڇ او نوشهروفيروز ڊاڪٽر اسدالله ڪلهوڙو، ڊي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر خالده قريشي، ڊاڪٽر سڪندر ڪلهوڙو، ڊاڪٽر عبدالفتاح راڄپر، ڊاڪٽر عبدالستار گهانگهرو، نور نبي راڄپر  ۽ ٻيا ڪري رهيا هيا ريلي ۾ هيلٿ ورڪرس، مڊوائفري اسڪول جون شاگردياڻيون ۽ هيلٿ کاتي جا ملازم وڏي تعداد ۾ شريڪ هئا جن ايڊز جي خاتمي لاءِ نعري بازي پڻ ڪئي ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر اسد الله ڪلهوڙو چيو ته ايڊز جي عالمي ڏهاڙي تي ضلعي واسين کي اها گذارش آهي ته هو هن مرض کان جيترو ٿي سگهي ته پاڻ کي بچائن ڇو ته هي مرض انتهائي خطرناڪ مرضن مان هڪ آهي پر هن جو علاج آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں