ھنڱورجا (ن س) ثقافتي ڏھاڙي جي سلسلي ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ جي پاران ھنڱورجا ڀرسان ڳوٺ ڀيلار وڏا ۾ جسقم اڳواڻ ڪامريڊ ڪرم سامٽيو، مجيب ڀيلار، حاڪم منگي، جي اڳواڻي ۾ سوين نوجوانن پٽڪا ۔ اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپيون پائي شاندار ثقافتي ريلي ڪڍي وئي ريلي مختلف رستن تان ٿيندي رھبر چوڪ وٽ پھتي جتي نوجوانن سنڌڙي تي سر ڪير نه ڏيندو سهندو ڪير ميار ۔ جيئي سنڌ جيئي سنڌ وارا جيئن سنڌي ٽوپي اجرڪ وارا جيئن سميت ٻين قومي گيتن تي جھمريون ھڻي خوشي جو اظهار ڪيو ان موقعي تي جسقم اڳواڻن ريلي کي خطاب ڪندي ۽ صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته 4ڊسمبر سنڌي قوم جي قومي ثقافتي عيد جو ڏھاڙو آھي ان ڏينھن کي عيد ڏينھن ڪري ملھائينداسون ٻئي پاسي ثقافتي تقريب ۽ صوفياڻي راڳ جي محفل پڻ سجائي وئي جنھن ۾ جسقم جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي.رواداري تحريڪ جي پنھل ساريو قومپرست اڳواڻ فقير امداد منگي .ايڊووڪيٽ نورمحمد تنيو .ڪرم سامٽيو .مجيب ڀيلار صحافي اتحاد خيرپور جي صدر غلام حسين چانگ عزيز ميمڻ شمن راڄپر جبار چانگ سجاد آرائين وليداد راڄپر نياز ڄامڙو . اڪبر راڄپر .سميت سوين ماڻھن شرڪت ڪئي .تقريب کي اڳواڻن خطاب ڪندي چيوته سنڌ جي شاندار ۽ شاھڪار ثقافت آھي ان ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاء 4 ڊسمبر تي قومي عيد ملهائيندا آھيون ھنن چيوته سنڌ عظيم ثقافت سان گڏ قديم تھذيب جي مالڪ پڻ آھي .سنڌ امن جو پيغام ڏيندڙ ڌرتي آھي ان موقعي تي سريلي صوفي فنڪار وقار ملاح قومي گيت ۽ صوفي ڪلام ڳائي محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا ۔
