راولپنڊي (م ڊ ) انگلينڊ جي رانديگرن جي طبعيت نه پاڪستان جي قسمت خراب نڪتي، انگلش بيٽرن ٽيسٽ ميچ کي ٽي ٽوئنٽي بڻائي ڇڏيو ۽ پنڊي ٽيسٽ ۾ پاڪستاني بالنگ لائين جابکيا اڊيڙي ڇڏيا، پهرين ڏينهن ئي زيڪ ڪرولي، بين ڊِڪٽ، اولي پوپ ۽ هيري بروڪ سينچريون اسڪور جڙي شاهينن جا هوش ئي اڏائي ڇڏيا. راولپنڊي ۾ جاري پهرين ٽيسٽ ميچ جي پهرين ڏينهن راند جي پڄاڻي تي انگلينڊ پهرين اننگز ۾ چئن وڪيٽن جي نقصان تي پنج سئو ڇهه رنسون ٺاهي هڪ سئو ٻارنهن سالا رڪارڊ پڻ ٽوڙي ڇڏيو آهي. راولپنڊي اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندڙ ٽيسٽ سيريز جي پهرين ميچ ۾ انگلينڊ پاڪستان خلاف ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو . پهرين ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن انگلينڊ جي بيٽرن پاڪستاني بالرن کي دل تي ڪٽڪو ڏنو، 73 چوڪن ۽ ٽن ڇڪن جي مدد سان انگلينڊ چئن وڪيٽن جي نقصان تي 506 رنسون ٺاهي ورتيون آهن. پنڊي ٽيسٽ ۾ چئن انگلش بيٽرن سينچريون اسڪور ڪيون، زِڪ ڪراولي ايڪويهه چوڪن جي مدد سان هڪ سئو ٻارنهن رنسن جي اننگز کيڏي. اولي پوپ 14 چوڪن هنيا ۽ 108 رنسون ٺاهيون. بين ڊڪٽ 15 چوڪن ذريعي 107 اسڪور ڪيون. جو روٽ 23 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. هن وقت هيري بروڪ 101 ۽ بين اسٽوڪس 34 رنسن سان ڪريز تي موجود آهن، گهٽ روشني سبب پهرين ڏينهن جي راند 75 اوورن تائين محدود ڪئي وئي. پاڪستاني ڊيبيو پليئر زاهد محمود ڀٽي 160 رنسون ڏئي ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون، انکانسواءِ ڊيبيو ڪندڙ حارث رئوف ۽ محمد علي به هڪ، هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. ان کان اڳ 1910ع ۾ آسٽريليا ڏکڻ آفريڪا خلاف پهرين ڏينهن 494 رنسون ٺاهيون هيون. انگلينڊ طرفان اڄ ول جيڪس ۽ ليام لونگسٽن ٽيسٽ ڊيبيو ڪيو، جڏهن ته پاڪستان جي سعود شڪيل، حارث رئوف، محمد علي ۽ زاهد محمود کي ٽيسٽ ڪيپ حاصل ڪئي.
