لاهور ( بيورو ) تحريڪ انصاف جي اعليٰ سطحي ڪميٽي صوبائي اسيمبليون ٽوڙڻ واري معاملي تي پنهنجون سفارشون تياري ڪري ورتيون آهن. ذريعن موجب پي ٽي آءِ جي وائس چيئرمين شاهه محمود قريشيءَ جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ميان اسلم اقبال، محمد الرشيد، حماد اظهر ۽ اعجاز چوڌري سميت ٻين ميمبرن شرڪت ڪئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪميٽي ميمبرن طرفان ويهه ڊسمبر تائين اسيمبليون ٽوڙڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي جڏهن ته پنجاب سان واسطو رکندڙ ڪجهه ميمبرن صلاح ڏني ته اسيمبليون ٽوڙڻ ۾ تڪڙ نه ڪئي وڃي. ذريعن موجب ميمبرن راءِ ڏني ته سياسي ڪارڊز کيڏندي ٽائيمنگ کي ڌيان ۾ رکيو وڃي، اسيمبليون تڏهن ٽوڙيون وڃن جڏهن وفاق ۽ ٻين صوبن جون اسيمبليون ٽوڙڻ لاءِ دٻاءُ وڌي سگهي، هن وقت تڪن ۾ ترقياتي ڪمن لاءِ اربين رُپين جي ماليت جا ٽينڊر جاري ٿي چڪا آهن ۽ ڪيئي حڪومتي رٿائون آخري مرحلن ۾ آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪميٽي جي سفارشن تي پارلياماني بورڊز جي اجلاسن کانپوءِ تاريخ جو حتمي فيصلو عمران خان ڪندو.ٻئي طرف پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان ۽ پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي وچ ۾ ملاقات دوران اسيمبلي ٽوڙڻ لاءِ صلاح مشورا ڪيا ويا آهن. ذريعن موجب پرويز الاهي ملاقات دوران عمران خان کي چيو ته توهان اسيمبلي ٽوڙڻ لاءِ چوندئو ته هڪ منٽ به دير نه ڪندس. پرويز الاهي ملاقات دوران عمران خان کي چيو ته غلط فهمي پيدا ڪندڙ پهرين جيان هاڻي به ناڪام ٿيندا، اپوزيشن ڀلي بي اعتمادي رٿ جو شوق پورو ڪري، هاڻي به کين مات ملندي، اپوزيشن جاڳندي خواب ڏسي رهي آهي. هن چيو ته پنجاب اسيمبلي جو اجلاس جاري رهي ته گورنر راڄ نٿو لڳي سگهي، اپوزيشن کي ڳالهائڻ کان اڳ رولز آف بزنس پڙهڻ گهرجن، پنجاب اسيمبلي ته ڇا، عمران خان لاءِ جان به حاضر آهي، پي ڊي ايم جيڪو ٻِج ڇٽيو، اُن جو فصل لڻي رهي آهي. پرويز الاهي سان ملاقات بعد پرويز خٽڪ چيو ته پرويز الاهي ۽ عمران خان هڪ پيج تي آهن، عمران خان فيصلو ڪندو ته اسيمبليون ڪڏهن ٽوڙيون وينديون، اسان اِن ڪري متحرڪ آهيون ته پارٽي ۾ اختلاف نه ٿين ۽ ڪو ٻيو ڌڙو نه ٺهي.
