اسان سان ڳالهيون ڪيو نه ته اسيمبليون ٽوڙينداسين: عمران خان طرفان حڪومت کي ڳالهين جي آڇ

لاهور (بيورو) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان حڪومت کي مشروط ڳالهين جي آڇ ڪري ڇڏي. لاهور ۾ پنجاب جي پارلياماني پارٽي اجلاس سان خطاب ڪندي عمران خان چيو ته سڄي دنيا چئي رهي آهي اسان ڏيوالي ڏانهن وڃي رهيا آهيون، ناڻي جي پهچ ڪِرڻ شروع ٿي وئي آهي، اسان جي دور ۾ قرض واپس نه ڪرڻ جو خطرو 5 سيڪڙو هو، هاڻ سئو سيڪڙو ٿي ويو آهي، سيڙپڪارن کي انهن تي اعتماد ناهي، ڇو ته انهن وٽ ڪو روڊ ميپ ناهي. هن چيو ته ٽيڪس ڪليڪشن ڪِرڻ شروع ٿي وئي آهي، فيصل آباد ۾ ٽيڪسٽائل انڊسٽري کي مزدور نٿا ملن، اسان جي دور ۾ 6 سيڪڙو اڪاموني گرو ڪري رهي هئي، چونڊن ڏانهن نه وينداسين ته ملڪ ۾ استحڪام نه ايندو، اسيمبليون ٽوڙڻ جي فيصلي پويان پاڪستان آهي، پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه اسيمبليون ٽوڙيون ٿا ته 66 سيڪڙو پاڪستان ۾ چونڊون ٿينديون. اڳوڻي وزيراعظم حڪومت کي مشروط ڳالهين جي آڇ ڪندي چيو ته اسان سان گڏ ويهو، ڳالهايون ڪيون ۽ عام چونڊن جي تاريخ ڏيو يا وري اسان اسيمبليون ٽوڙي ڇڏيون، توهان کي موقعو ڏئي ٿا سگهون ته اسان سان گڏ ويهو، اسان کي ٻڌايو ته توهان ڇا ٿا چاهيو، اسان وڏي ڪوشش ڪئي پر اهي چونڊن جو نالو نٿا کڻن، اهي چونڊن کان ڊڄن ٿا. سندس موجب آصف زرداري چيو آهي ته عمران خان کي نااهل ڪيو ۽ جيل ۾ وجهو، اسيمبلي ۾ ويهي انهن پنهنجا ڪيس ختم ڪرائي ڇڏيا آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں