ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان پوليس تحريڪ انصاف اڳواڻ اعظم سواتي کي گرفتار ڪري ورتو. ذريعن موجب بلوچستان پوليس تحريڪ انصاف اڳواڻ اعظم سواتي کي گرفتار ڪري ڪوئيٽا وٺي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اعظم سواتي کي بلوچستان ۾ ڪنهن جيل ۾ رکيو ويندو. واضح رهي ته تڪراري ٽوئيٽس جي معاملي تي گرفتار سينيٽر اعظم کي گذريل ڏينهن جڊيشل مئجسٽريٽ اسلام آباد 14 ڏينهن جڊيشل رمانڊ تي اڊيالا جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو هو. تڪراري ٽوئيٽس جي معاملي تي اعظم سواتي خلاف ڪوئيٽا سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ڪيس داخل ڪيا ويا هئا ۽ کيس 27 نومبر تي ايف آءِ اي حراست ۾ ورتو هو.
