دادو(ڊر) دادو لڳ ڳوٺ قادرداد جمالي جي ڳوٺاڻن عورتن، مردن ۽ ٻارڙن پاڪ ڪتاب کڻي 9 ايڪڙ زرعي زمين ديھ دٻي تي قبضي ڪرڻ جي خلاف قلندر بخش جمالي، اسلم جمالي، مسمات مريم، مسمات اربيلي با اثرن ۽ دادو پوليس خلاف سخت نعري بازي ڪندي دانھيو تہ مخالف محمد ڇٽل جمالي، شوڪت جمالي، صداقت جمالي، لياقت جمالي ۽ ٻين بااثر ايم اين اي رفيق احمد جمالي جي رئيس عمير جمالي. جي چرت تي اسان جي زرعي زمين تي ناجائز قبضو ڪيو آهي ۽ اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهي، اسان غريب جن جو گذارو ٻني ٻاري تي آھي اسان کي زمين تي اچڻ بہ نہ ٿو ڏنو وڃي اسان ڪنھن جي در دانھيون ھنن وزير اعلىٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ، پ پ ايم اين اي دادو جوھي رفيق احمد جمالي، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدر آباد، ايس ايس پي دادو، بورڊ آف روينيو،ڪمشنر حيدر آباد ۽ انساني حقن جي تنظيمن کان مطالبو ڪيو تہ اسان جي پرکن جي زمين تان قبضو ھٽرائي تحفظ فراهم ڪري انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ اسان پاڻ ساڙي انصاف جو جنازو ڪڍنداسين.
