ڄامشورو ( پ ر) شھيد اللھ بخش سومرو (سيبس) يونيورسٽي آف آرٽ، ڊزائن اينڊ ھيريٽيجز ڄامشوري ۾ سال23-2022ع جي داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ اداري ۾ شروع ٿي وئي. انٽري ٽيسٽ ۾ سنڌ، پنجاب، بلوچستان، خيبر پختونخوا ۽ آزاد ڪشمير سميت ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان اميدوار شرڪت ڪري رهيا آهن. فائن آرٽ، آرڪيٽيڪچر، ڪميونيڪيشن، ٽيڪسٽائل، پراڊڪٽ، انٽيريئر، فيشن ڊزائن ۽ ميوزڪ الاجي شعبن ۾ داخلا لاءِ مجموعي طور 195 سيٽون مختص ٿيل آهن جن ۾ ميرٽ، سيلف فنانس، يونيورسٽي سپورٽ پروگرام ۽ پرڏيهي شامل آهن جڏهن ته 50 سيڪڙو سيٽون سنڌ ۽ 50 سيڪڙو ملڪ جي ٻين علائقن جي اميدوارن لاءِ آهن. داخلا ٽيسٽ ۾ 216 ڇوڪريون ۽ 92 ڇوڪرا اميدوار حصو وٺي رهيا آهن. ٽيسٽ دوران سيبس يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ڀائي خان شر ۽ انتظامي عملدارن امتحاني بلاڪ جو دورو ڪري انتظامن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي آجياڻو پيش ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي شھيد اللھ بخش سومرو يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ڀائي خان شر چيو ته مان انٽري ٽيسٽ ڏيندڙ سمورن اميدوارن کي ڀليڪار ڪندي انتهائي خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان ته هو آرٽ، ڊزائن اينڊ هيريٽيجز جي تعليم ڏيندڙ اداري ۽ پاڪستان جي پهرئين آرٽ يونيورسٽي ۾ آيا آهن. هن چيو ته آرٽسٽ بنيادي طور تخليقڪار ڪٽنب سان واسطو رکي ٿو ڇا ڪاڻ ته هو پنهنجي پينٽنگس، رنگن ۽ بُرش سان هڪ ڪائنات چِٽي ٿو. ڊاڪٽر ڀائي خان شر چيو ته هن سال کان اسان يونيورسٽي ۾ چار نوان شعبا متعارف ڪرايا آهن ته جيئن سماج جا تخليقي ذهن ڳولهي انهن کي تيار ڪيون جيڪي اڳتي هلي ملڪ جي ڀلائيءَ لاءِ پنهنجو اثرائتو ڪردار ادا ڪن. انٽري ٽيسٽ کانپوءِ اميدوارن جا انٽرويو به ورتا ويا جڏهن ته ٽيسٽ ڇنڇر ۽ آچر تي به جاري رهندي جنهن دوران واري واري سان رهيل اميدوارن کي گهرايو ويندو.
