عمرڪوٽ: اسڪولن ۾ ٻارن کي داخلا ڪرائڻ جي حوالي سان ريلي ڪڍي وئي

عمرڪوٽ (ڊ ر) ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو عمرڪوٽ طارق امام جوڻيجو جي اڳواڻي ۾  اسڪولن ۾ ٻارن کي داخلا ڪرائڻ جي حوالي سان ڊپٽي ڪمشنر آفيس کان پريس ڪلب تائين ھڪ ريلي ڪڍي وئي جنھن ۾ سياسي سماجي حلقن، استادن، شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ريلي دوران خطاب ڪندي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو طارق امام جوڻيجو چيو ته سنڌ سرڪار ۽ صوبائي وزير تعليم سيد سردار علي شاه جي خاص هدايتن تي اسڪول مان غير حاضر ٻارڙن جي اسڪولن ۾ واپسي ۽ نئين داخلا مهم جي شروعات ڪئي وئي آهي ان ڏس ۾ والدين کي گذارش ڪجي ٿي ته اهي پنهنجي ٻارڙن کي اسڪولن ۾ واپسي ۽ نئين داخلا واري عمل کي يقيني بڻائيندي پنهنجن ٻارڙن جو مستقبل روشن بڻائن ان موقعي تي ڊي اي تعليم بلاول احمد ڀٽي چيو ته شهر ۾ مختلف دڪانن تي پورهيو ڪندڙ ۽ چوڪن تي خيرات گهرندڙ ٻارڙن جي عمر اسڪولن ۾ داخل ٿيڻ جي آهي جڏهن ته والدين پنهنجي گلن جهڙن ٻارڙن کي تعليم پرائي انهن جو مستقبل سنوارين سنڌ حڪومت پاران تعليم بلڪل مفت ۽ ٻارڙن کي هر مهيني وظيفو پڻ ملي رهيو آهي ان موقعي ٿي ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر سروپچند مالهي، زمان کوسو، بشير احمد کوسو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں