اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد جي وقت کان اڳ رٽائرمينٽ جي درخواست منظور ڪري ورتي. ذريعن موجب ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد وقت کان اڳ رٽائرمينٽ جي درخواست ڪجهه ڏينهن اڳ جي ايڇ ڪيو موڪلي هئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته بچاءَ واري وزارت ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد جي وقت کان اڳ رٽائرمينٽ جي درخواست منظوري لاءِ وزيراعظم کي موڪلي هئي، جنهن کي وزيراعظم منظور ڪري ورتو.
