مانجهند ۾ شهرين جو پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو

مانجهند(ن س)مانجهند شهري پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان 20هزار آبادي رکندڙ شھر مهيني کان پيئڻ جو  پاڻي بند تلاء سڪي ويا پبلڪ هيلٿ وارن کي ڪابه جوءَ نٿي سريَ  5 ڪلو ميٽر پري شھر کان ڪچي ۾ هينڊ پئپ تان شھري پاڻي ڀرڻ وڃن ٿا،شهرين احتجاجي مظاهري ڪري شھر جي مين چونڪ تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا ڌرڻي کي گلزار ملاح.اڪبر کوسو.لياقت ملاح ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته مانجهند شهرين کي پيئڻ جي پاڻي لاءِ تڙپايو وڃي چونڊيل نمائندا مانجهند شهرين کي نظرانداز بنيادي سهولتن کان محروم ڪريو ويٺا آھن ساڳي حالت جا ذميوار مخالف ڌر وارا  به آھن جيڪي شھرين کان لا تعلق آھن آئنده ووٽ وٺندڙ ڌرين جو شھري بائيڪاٽ ڪندا هن وقت  شهري مهانگائي جي چڪي ۾ پيسجي رهيا آھن 500 روپيا في ڊرم پاڻي جو ڪٿان لهرائيندا.ٻئي پاسي شاه لطيف علمي ادبي فورم جي اڳواڻن شفيع ملاح اميربخش لاکو، هاشم ملاحَ دريا خان  برهماڻي محمد رحيم مريداڻي ۽ ٻين چيو تي ڊي سي ڄامشورو ڪمشنر حيدرآباد سيڪريٽري پبلڪ کي نوٽيس وٺي شهرين کي  پيئڻ جو پاڻي ڏنو وڃي جيڪو شھرين جو بنيادي حق آھي ٻئي صورت ۾ شھري ڪورٽ سڳوري جو در کڙ ڪائيندا .

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں