لاهور (بيورو) مسلم ليگ ن فوري طور تي پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي خلاف بي اعتمادي رٿ نه آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. مسلم ليگ ن جي صدر ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ پارٽي اڳواڻن جو هنگامي اجلاس ٿيو جنهن ۾ راڻا ثناءُ الله، اعظم نذير تارڙ، خواجا سعد، حمزا شهباز، سينيئر اڳواڻ، وزيراعظم جا خاص مددگار ۽ پنجاب اسيمبلي جا ميمبر شريڪ ٿيا. ذريعن موجب اجلاس ۾ پنجاب اسيمبلي کي امڪاني طور ٽوڙڻ کي روڪڻ جي معاملي تي مشاورت ٿي ۽ فيصلي ڪيو ويو ته پنجاب جي وڏي وزير خلاف هاڻ وقتي طور تي بي اعتمادي رٿ پيش نه ڪئي ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پنجاب جي وڏي وزير جو ووٽ وٺڻ لاءِ پنجاب جي گورنر طرفان هاڻ سمري به نه اماڻي ويندي. ان کان علاوه وزيراعظم شهباز شريف گذريل رات پارٽي اڳواڻ نوازشريف جي صدارت هيٺ ٿيندڙ ورچوئل اجلاس جي سفارشن جي حوالي سان شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو. اهم هنگامي اجلاس ۾ وزيراعظم کي پنجاب اسيمبلي ۾ نمبرز گيم بابت بريفنگ ڏني وئي. جڏهن ته گورنر راڄ لڳائڻ جي حوالي سان به تفصيلن کان آگاهه ڪيو ويو. ان موقعي تي شهباز شريف کي تحريڪ انصاف جي ناراض ميمبرن سان رابطي جي سلسلي ۾ آگاهي ڏني وئي. جڏهن ته وزيراعظم کي پنجاب اسيمبلي جي معطل ليگي ميمبرن جي حوالي سان به بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ بي اعتماد رٿ جو ووٽ وٺڻ ۽ گورنر راڄ جي لاڳو سميت سمورن قانوني ۽ آئيني آپشن تي غور ويچار ڪيو ويو. ياد رهي ته وزيراعظم شهباز شريف ڪالهه صبح ئي اسلام آباد کان جهاز ذريعي لاهور پهتو هو. ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف لاهور ۾ 2 کان 3 ڏينهن تائين رهائش اختيار ڪري سگهي ٿو.
