ميهڙ: ٻوڏ متاثرن پاران واهر نه ٿيڻ خلاف اي سي خلاف احتجاج

ميھڙ(رپورٽ: عابد علي جاڳرو) ميهڙ تعلقي جي يونين ڪائونسل ڪولاچي جي 10 کان وڌيڪ مختلف ڳوٺ جي ٻوڏ متاثرين پاران اسسٽنٽ ڪمشنر ميهڙ محسن شيخ ۽ مختياڪار ميهڙ نبي بخش سولنگي جي ناجائزين ۽ ٻوڏ متاثرين جي واھر نہ ٿيڻ خلاف ميهڙ انڊس هاء وي ٻنڊو موري ڀرسان ٽائرن کي باهيون ڏيئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن سبب لاڙڪاڻو کان ڪراچي ايندڙ ويندڙ روڊ جي ٻنهي پاسي سوين گاڏيون بيهي ويو ۽ سخت پريشان ٿي ويا, مڇريل مظاهرين پاران هٿن ۾ ڏنڊا کڻي اسسٽنٽ ڪمشنر ميهڙ محسن شيخ, مختياڪار ميهڙ نبي بخش سولنگي ۽ تڪ جي چونڊيل نمائيندن خلاف سخت نعريبازي ڪئي ويئي ان موقعي تي مظاهرين نياز پنھور، منور ڏھوٽ، مختيار کوسو، ٻاجھي خان، نظام کوسو, احمد خان درياڻي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ميهڙ تعلقي ۾ انتظاميا ۽ تڪ جي چونڊيل نمائندن پاران هٿرادو ٻوڏ آڻي اسان جا گهر ۽ فصل تباھ ڪرائي ڪروڙين روپين جو نقصان رسايو آھي جڏھن ته ٻوڏ جي تباھ ڪارين کي 3 مهينن کان وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود اسان جي يوسي ڪولاچي جي ڳوٺ لوهارو, ڳوٺ ٻنڊو, ڳوٺ ٻپيرا, ڳوٺ ڪلر, ڳوٺ دلاور کوسو ۽ ٻين ڳوٺن ۾ اڃا تائين 4 کان 6 فوٽن تائين ٻوڏ جو پاڻي اسان جي گهرن ۾ بيٺل آھن ۽ اسان جا گهر, روزگار ۽ فصل تباھ ٿيڻ باوجود تڪ جي چونڊيل نمائيندن توڙي انتظاميا اسان کي ننڌڻڪو ڇڏي ڪا به واهر ناهي ڪئي ويئي جڏھن ته اسان جا گهر مڪمل طور تي ڊھي وڃڻ باوجود اسان کي ٽينٽ, راشن ۽ گرم ڪپڙا به ناهن ڏنا ويا, ٽينٽ نه ملڻ ڪري ٿڌ ۾ معصوم ٻار بيمار ٿي پيا آھن ۽ کاڌ خوراڪ جو سامان نه ملڻ ڪري بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھيون جڏھن ته اسسٽنٽ ڪمشنر ميهڙ محسن شيخ, مختياڪار ميهڙ نبي بخش سولنگي ۽ پ پ ايم پي اي فياض علي ٻٽ جي درن جا ڪا ڀيرا چڪر ڪاٽڻ باوجود به اسان جي ڪا به سهائتا ناهي ڪئي وئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں