نامياري ڪالم نگار حفيظ ڪنڀر جو ڪتاب ”جنب ڪٿا“پڌرو ٿي ويو

حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي ناليواري ڪهاڻيڪار، ڊراما نويس ۽ ڪالم نگار حفيظ ڪنڀر جو ڪتاب ”جنب ڪٿا“ ڇپجي پڌرو ٿي ويو آهي. هي ڪتاب سندس لکيل آتم ڪٿا جو پهريون ڀاڱو آهي. جنهن ۾ ليکڪ پنهنجي زندگيءَ جي لاهن چاڙهن کان وٺي سياسي، سماجي معاملن قصن، ڪهاڻين ۽ ڪردارن تي روشني وڌي آهي. جيڪي ننڍي هوندي کان سندس مشاهدي ۾ رهيا آهن. ڪتاب ۾ ڪل 53 باب ڏنا ويا آهن. جن ۾ لاڙ جي ڪردارن کان وٺي ڳوٺ ۾ رهندڙ ڪي منفرد ڪردار به شامل آهن ۽ ان زماني ۾ ٿيندڙ سماجي ريتن رسمن جو ذڪر پڻ ڪتاب ۾ شامل آهي. ليکڪ پنهنجي بهترين اسلوب وسيلي سنڌ جي سياسي تاريخ کي به بهترين نموني بيان ڪيو آهي. جنب ڪٿا حفيظ ڪنڀر جو پهريون ڪتاب آهي، جڏهن ته ادبي دنيا ۾ سندس سڃاڻپ نه رڳو هڪ بهترين ڪهاڻيڪار طور آهي پر هن مزاح نگار طور به پاڻ مڃرايو آهي. 248 صفحن جو هي ڪتاب سامروٽي پبلڪيشن ٿرپارڪر پاران ڇپيو ويو آهي،  قيمت 600 روپيا رکي وئي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں