نوابشاھ (ڊ ر) نوابشاهه ۾ ثقافت جا رنگ جرڪي پيا تعليمي ادارن ۾ خوبصورت تقريبن جو سلسلو جاري، نوابشاهه جي لائين پار واري علائقي جي فاطمه جناح اسڪول ۾ ثقافتي پروگرام ٿي گذريو پروگرام ۾ ڊي او ايجوڪيشن قربان راهو، دانش اقبال، جاويد انڙ،نظيران ساند حميرا مير، شهناز لاکو، شهناز چنا، لالا رخ بلوچ سميت ايجوڪيشن کاتي جي آفيسرن شاگردن، وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ۽ مختلف ٽيبلوز پيش ڪيا جن ۾ شاهه لطيف جي ست سورمين سميت هوشو شيدي، پير صبغت الله راشدي، ذوالفقار علي ڀٽو، دودو چنيسر، لاکو ڦلهيار، مائي ٻاگهل جي ڪردارن کي پيش ڪيو ويو ۽ ٻوڏ جي صورتحال جي حوالي سان پڻ هڪ ٽيبلو پيش ڪيو ويو ۽ مختلف سنڌي گيتن تي ٻارڙن رقص ڪيو. انهي دوران ميٽرڪ ۽ انٽر ۾ پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن ۾ سرٽيفڪيٽ ۽ شيلڊون ورهايون ويون ۽ آيل مهمانن کي سنڌ جي ثقافت اجرڪ جا تحفا پڻ پيش ڪيا ويا.
