ٽنڊو آدم ۾ سنڌ سورميون ڪانفرنس نالي تقريب،دراوڙو کان جديد دور جي سورمين کي ڀيٽا پيش

ٽنڊوآدم ( ن س ) تاريخ ثقافت تي ڪم ڪندڙ تنظيم مهراڻ هسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل ويلفيئر سوسائٽي ۽ اڏيرو لال ويلفيئر پاران سنڌ جي قومي تهوار ثقافتي ڏهاڙي جي مناسبت سان ٽنڊي آدم جي مقامي هال ۾ سنڌ سورميون ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي جنهن  دراوڙ دور کان جديد دور جي سورمين جي ڪردارن تي، پروفيسر بينظير جوڻيجو، زبيده جوڻيجو، رقعيه لغاري، رضيه مهر، نبيلا ميمڻ، پاران سيشنن تي ويهڪ ڪئي ، ان بعد ليڪچر پڻ ٿيا جنهن ۾ برهمڻ دور جي راڻي پرمل ديوي ، سورج ديوي ، دهشلا راڻي ، انگريزن خلاف جنگ وڙهندڙ حر تحريڪ جي ويڙهاڪ سورمين مائي حليمان، مائي ڀاڳي هنڱورو، مائي فاطمه (ڪيڙي ڪيريو) مائي سون ۽ مائي سعدان    ۽ ٻين تي سيشن ۽ ليچر ٿيا، جڏهن ته حقن جي حاصلات لاء جدوجهد جي علامت جديد دور جي مائي جندو ۽ ام رباب تي پڻ روشني وڌي وئي،جن چيو ته اسان کي ڪنهن به صورت ۾ اهو وسارڻ نه گهرجي ته برهمڻ دور جي راڻين پنهنجي وطن جو دفاع ڪرڻ لاء پنهن جانين جا نظرانا ڏنا پر هنن آڻ نه مڃي ۽ دشمن کان پلاند وٺي امر ٿي ويون، اهڙي تحريڪ حرتحريڪ جي جوڌين پڻ پنهنجي وطن جو وطن يا ڪفن جي نعري هيٺ انگريزن سان ويڙھ ڪري وطن دوست جو ڪردار ادا ڪيو، اهڙي طرح مائي جندو ۽ ام رباب پنهجي حقن جي حاصلات لاء جنگ وڙهي جديد دور جي سورميون هجڻ جو ثبوت ڏنو، ان سميت سنڌ جي تاريخي ڪردارن تي اسٽيج ڊرامون، مومل راڻو، عمر مارئي به پيش ڪيو ويو، جڏهن ته موهن جي دڙي جي مائي سمباره جو رقص به ڏيکاريو جڏهن ته سنڌي موسيقي جي مايا ناز ڳائڻين سڪينا مڱڻهار گروپ، نظيران شيدي گروپ، تاراباغ گروپ سنڌي ڪافيون لوڪ گيت ۽ ڳيچ ڳائي سنڌ تهذيب کي ڀيٽا ڏني، جڏهن ته هن تقريب ۾ ڇهن زبانن جي ثقافتي لباس جو نماءُ به ڪيو ويو ڪانفرنس ۾ پروفيسر زبيدو جوڻيجو پاران مصوري جا لڳل اسٽال به آيل مهمان جي ڏسڻ جو مرڪز رهيا آخر ۾ خاڪا ،ٽيبلوز اسٽيج ڊراما تقريرون ڪندڙ ۽ مهمانن کي شيلڊون ڏيڻ بعد سميرعلي نمرا علي قومي گيت ڳائي هزارين عورتن کي جهومائي ڇڏيو آخري ۾ ڌارين جي آبادڪاري، ٻوڏ متاثرن جي سهائتا نه ٿيڻ  تاريخ ثقافت کي بچائڻ ۽ انتهاپسندي خلاف قرادرون پيش ڪيون ويون جڏهن  ته ڪانفرنس جي پڄاڻي هوجمالو ۽ سنڌ جي خوشحالي جي دعا سان ڪئي وئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں