پڊعيدن ۾ ايس ڊي او واپڊا ۽ لائين سپرنٽينڊنٽ جي ناجائزين خلاف متاثرن جو احتجاج

پڊعيدن (رپورٽ: عرفان آرائين) پڊعيدن ٽائون ۾ ظفر شاهه ڪالوني جي رهواسين جو واپڊا پڊعيدن جي ايس ڊي او ۽ لائين سپرنٽينڊنٽ شاهد آرائين ۽ اڳوڻي لائين مين نياز سومرو جي ناجائزين خلاف ارشاد ڀٽي,ڊاڪٽر راڄپر شير شيخ مصري اڄڻ ۽ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي هنن احتجاج ٻڌايو ته گذريل ٽن سالن کان وٺي لائين سپريڊنٽ شاهد آرائين ۽ نياز سومرو ظلم ڪري ڏنو آھي اسان جي ميٽرن مان ماڻھن کي ڪنڊيون ڏئي اسان ڏي ٻيڻا بل موڪلي ٿا ڇڏين جڏھن ته اسان ڪالوني وارن ڪيترائي دفعا ايس ڊي او کي چيو آھي پر اهو به ٻڌڻ جي لاء تيار نه آھي. هڪ پاسي لائين سپرنٽينڊنٽ جا پرائيويٽ ماڻهون رکيل آھن جيڪي اميرن کي اي سي جا ڪنيڪشن 2000 کان 3000 هزار تي ڏئي رهيا آھن هنن چيو ته واپڊا وارا انهن جا يونٽ اسان ڏانهن ٿا موڪلين,هن وقت به ڪيترن ئي ڏينهن کان واپڊا وارن اسان جي بجلي ڪٽي ڇڏي آھي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں