گهوٽڪي ۾ نامياري شاعر امير بخاري جي 81 هين سالگرهه ملهائي وئي

گهوٽڪي(ڊ ر)پريس ڪلب گھوٽڪي ۾ سنڌي ٻولي جي نامياري شاعر, ڪالم نگار ۽ صحافي سيد امير بخاري جي 81 ھين سالگرهه جي تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ ٻالڪ ادبي فورم سنڌ جي مرڪزي صدر عبدالحئي ڀٽو, پريس ڪلب گهوٽڪي جي صدر نياز چنه, نائب صدر آزاد مهر, يونس ڀٽو, سائينڏنو عباسي, الاهي بخش سومرو, شاهد چنه ۽ ٻين گڏجي ڪري ڪيڪ ڪاٽيو, ان موقعي تي اڳواڻن سالگرهه جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سيد امير بخاري سنڌي ٻولي جو خوبصورت شاعر سان گڏ بيباڪ, ڪالم نگار ۽ صحافي ھو جنھن جون سنڌي ادب ۽ صحافتي دنيا ۾ ڪيل خدمتن کي ڪڏھن به وساري نٿو سگھجي ھن حق ۽ سچ جي واٽ وٺندي ھميشه لاء امر ٿي ويو

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں