ھنڱورجا ۾ ثقافتي تقريب،4 ڊسمبر قومي عيد طور ملهائڻ جو وچن

هنڱورجا(ن س) سمي سجاڳ فورم پاران نولکي واھ جي ڪپ تي شاندار ثقافتي تقريب منعقد ڪئي وئي جنھن ۾ گسٽا سنڌ جي اڳوڻي مرڪزي صدر الھرکيو خاصخيلي .ضلع ڪائونسل جي ميمبر جھانگير خان سيال .صحافي اتحاد خيرپور جي صدر غلام حسين چانگ .سماجي اڳواڻ ايڊووڪيٽ ضمير حسين سهتو.سماجي اڳواڻ عزيز ميمڻ .صحافي اڳواڻن شمن راڄپر .جبار چانگ .سجاد آرائين .سجاڳ فورم جي غلام حسين سھتو.رياض سھتو ظھير سھتو ڌڻي بخش منڱڻيجو .سميت علائقي ماڻھن سنڌي اجرڪ ٽوپي آئي شرڪت ڪئي ثقافتي تقريب کي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي ثقافت دنيا جي سمورن تھذيبن کان وڌيڪ شاندار آھي سنڌ امن شانتي بزرگن جي ڌرتي رھي آھي 4 ڊسمبر سمورن عيدن کان به وڌيڪ خوشي واري عيد جو ڏھاڙو آھي جنھن کي سموري دنيا ۾ شاندار نموني لکين ماڻھو ثقافتي ويس پهري ملھائين ٿا . 4ڊسمبر قومي ثقافتي عيد طور ملھائينداسون تقريب سنڌ جي سريلي نوجوان فنڪار پپو گل دايو سنڌ منھنجي امان سونھن تنھنجي مٿان ڇا لکي ڇا لکان.جيئي سنڌ جيئي سنڌ وارا جيئن سنڌي ٽوپي اجرڪ وارا جيئن .جھڙا قومي گيت ڳائي سرد رات کي گرمائي ڇڏيو ۽ محفل ۾ موجود ماڻھن کي جھومائي مست ڪري ڇڏيو .آخر م تقريب شريڪ مھمانن کي سنڌي کاڌا مکڻ .ساڳ .جوئر چانور . ڪڪڙ. جي دعوت کارائي وئي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں