دادو(ڊ ر)دادو ۾ وومين ڊولپمينٽ کاتي جي صوبائي وزير شهلارضا دادو پريس ڪلب پهچي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت وس آهر ڪم ڪري رهي آهي سماجي تنظيم ايل آر ايف جي تعاون سان ڪي اين شاھ جي ٻوڏ متاثرن جي لاء 800 ڪمبل سميت ٻيو سامان آندو آهي جيڪو حقيقي ٻوڏ متاثرن کي ڏينداسين، ٻوڏ سبب ڪي اين شاھ ۽ دادو سخت متاثر ٿيا آهن اتان جي رهواسين جي سماجي تنظيمن سان ملي ڪري سنڌ حڪومت مالي سهائتا ڪري پئي, 18ترميم بعد سنڌ حڪومت پنهنجي بجلي ٺاهي ٽرانسميشن لائين پڻ تيار ڪئي آهي سنڌ حڪومت فيصل آباد کي650 ميگا واٽ بجلي سپلائي ڪري رهي آهي، ايندڙ سومر کان ايريگشن کاتي جي بريفنگ ٿي رهي آهي جنهن سڀ خبر پئجي ويندي مون کي اهيا خبر نه آهي ته رنگ بند ڇا آهي ان ڪري ڏکيا سوال نه ڪيو،مون کي اها خبر آهي ته موجوده ٻوڏ دوران 5240 ڪٽ لڳايا ويا جيئن ماڻهن کي بچايو وڃي افسوس ٿيندو آهي ته جڏهن چيو ويندو آهي ته پنهنجي زمينون بچائڻ خاطر ڪٽ ڏنا ويا جتي ٻوڏ سبب ڪٽ ڏنا ويا اتي به انسان رهن ٿا، برسات سبب بلوچستان مان حد کان وڌيڪ پاڻي آيو ان باوجود سنڌ حڪومت ايترو جلدي حالاتن تي قابو پائي عام زندگي کي بچائي ورتو، الله پاڪ برسات ۽ ٻوڏ دوران اسان جي تمام گهڻي مدد ڪئي آهي پهريان خاميون هيون جن جي ڪري 2010 واري ٻوڏ ۾ روڊ رستا تباھ ٿيا ۽ ٻوڏ جي پاڻي ۾ وهي ويا ھن واري ڪجھ روڊ رستا تباھ ٿيا آهن جن کي ٻيهر بهتر کان بهتر تعمير ڪرايو ويندو، موجوده وقت ۾ سنڌ سفر ڪري پئي فنڊن جي پهريان به قلت هئي هاڻ به آهي 2018 ۾ 27 بلين جا ترقياتي فنڊ هيا جنهن تي ان وقت جي نواز ليگ جي حڪومت سان اختلاف ٿيا هئا، جتي سنڌ پوري پاڪستان کي سڀ کان وڌيڪ روينيو ٽيڪس گڏ ڪري ڏئي ٿي اتي صرف ترقياتي ڪمن لاء 2 بلين رکيا ويا آهن، بلوچستان مان تمام گهڻو پاڻي آيو ايتري سوچ نه هئي بلوچستان ۾ جن جي حڪومت هئي انهن کي 350 ڊيم ٺاهڻا هئا پر اهي ٺهيل ڊيمن جي به حفاظت نه ڪري سگهيا، ماحولياتي تبدلي سبب سنڌ گهڻو ڪجھ برداشت ڪيو آهي،سومر کان ٿيندڙ اجلاس ۾ اوهان جي علائقي جي ماڻهن کي سنڌ حڪومت سپرائيز ڏيندي جنهن سان عوام خوش ٿيندي.
