دادو ۾ ميهڙ واقعي ڪيس جي ٻڌڻي 17 ڊسمبر تائين ملتوي

دادو(ڊ ر )دادو جي ڪرمنل ٽرائيل ڪورٽ نديم بدر قاضي جي عدالت ۾ ام رباب چانڊيو جي قتل ٿيل ٽن گهر ڀاتين ڏاڏو ڪرم الله چانڊيو، والد مختيار چانڊيو، چاچو چانڊيو جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ڪيس ۾ فريادي ڌر جا شاهد ۽ مشير کٽل هجڻ تي عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 17 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي ان وقت جو ايس ايڇ او ڪريم چانڊيو جوابدار سان ٻٽ بڻيل هو اهڙي درخواست عدالت ۾ ڏني ته ان ايس ايڇ او کي به ڪيس ۾ ڪو ايڪيوزڊ طور شامل ڪيو وڃ جڏهن واقعو ٿيو هو ان کان پهريان سردار چانڊيي ان ايس ايڇ او جي پوسٽنگ ڪرائي هئي اهو ايس ايڇ او ڏوهه جي پلاننگ ۾ شامل رهيو، جيڪي قاتل هئا انهن کي پروٽوڪول ڏئي هڪ جڳهه تان ٻي جڳهه تي منتقل ڪيو. اڄ شاهديون هيون ۽ اسان اڄ عدالت ۾ اها درخواست ڏني ته ان ايس ايڇ او کي به ڏوهه ۾ شامل ڪيو وڃي ته جئين ثبوت هلائڻ ۾ اسان کي آساني ٿئي جنهن جي ڪري عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 17 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي اميد آهي ته ايس ايڇ او ڪريم چانڊيو جي درخواست منطور ٿيندي ۽ قاتلن کي سزا ملندي اهو ايس ايڇ او 54 ڀيرا جوابدار مرتضيٰ چانڊيو سان رابطي ۾ رهيو، جيڪو جوابدار ٽي سال پوليس کي گهربل رهيو.ڪيس ۾ نامزد سڀني ڏوهارين سان اهو ايس ايڇ او رابطي ۾ رهيو ۽ قتل ۾ ملوث رهيو آهي شاهد گڏ هئا اميد آهي ته عدالت ايس ايڇ او کي ڪيس ۾ شامل ڪري شاهديون هلائيندي اسان عدالت کي چيو تہ ڪيس ھلائي بيان ورتا وڃن،الزام ھڻندڙ ڌر جي ڪيس جا شاھد ۽ مشير نہ آيا هو ڪيس هلارائڻ لاءِ تيار ناهن ڪيس کي پاڻ ڊلي ڪرائن ٿا اسين سڀ موجود هئاسين.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں