رياض (م ڊ) بالي ووڊ جي مشهور اسٽار پريانڪا چوپڙا سعودي عرب جي شهر جده ۾ ريڊ سي انٽرنيشنل فلم فيسٽيول جي موقعي تي ’ويمن ان سئنيما‘ تقريب ۾ سنهري ڦڪي رنگ جي لباس ۾ نظر آئي. تقريب ۾ هالي ووڊ، بالي ووڊ ۽ ٻين فلمي صنعتن جي اداڪارن ۽ شوبز شخصيتن شرڪت ڪئي، جنهن ۾ جيسيڪا ايلبا، فريده پنٽو، تارا عماد، لوسي هيل، شرين اسٽون، سلميٰ ابو ضعف، سونم ڪپور ۽ ٻيا موجود هئا. تقريب ۾ بالي ووڊ جي هيروئن ۽ آمريڪي ڊراما سيريز ڪوانٽيڪو جي اسٽار اداڪاره پريانڪا چوپڙا لبناني ڊزائنر نڪولس جبران جو لباس پهريو. هالي ووڊ جي مشهور فلمن ’سن سٽي‘ ۽ ’فنٽاسٽڪ فور‘ جي اداڪارا ايلبا تقريب ۾ شرڪت لاءِ وچ اوڀر جي ڊزائنر جو لباس پائڻ کي ترجيح ڏني. اداڪاره ايلبا لبناني ڊزائنر ايلي صاب جو گاؤن پائي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. جڏهن ريڊ سي انٽرنيشنل فلم فيسٽيول جي افتتاحي تقريب ٿي ته ريڊ ڪارپيٽ تي فلمي ستارا سعودي ڊيزائنر لباس ۾ نظر آيا. مشهور هالي ووڊ اداڪارا شيرون اسٽون، بالي ووڊ بادشاهه شاهه رخ خان، هدايتڪار اوليور اسٽون ۽ آمريڪي فلمن ۾ پنهنجو نالو پيدا ڪندڙ پريانڪا چوپڙا منفرد انداز ۽ لباس ۾ ريڊ ڪارپيٽ تي جلوه ڏيکاريا. برازيل جي سپر ماڊل اليسندرا امبروسيو جده سان تعلق رکندڙ ڊزائنر يوسف اڪبر جو نيرو لباس پاتو، جنهن ۾ سون جي ڪنگڻ شامل هئا. برازيل جي سپر ماڊل ان کان اڳ به عرب ڊزائنر جا ڪپڙا پائي چڪي آهي. گذريل مهيني، هوء لبناني ڊزائنر زوهير مراد جي هڪ لباس ۾ نظر آئي هئي. جمنا الرشيد، سعودي ريسرچ اينڊ ميڊيا گروپ (SRMG) جي پهرين خاتون سربراهه، شيرون اسٽون سان گڏ سعودي ڊيزائنر لواديانا جي لباس ۾ نظر آئي. ريڊ ڪارپيٽ تي برطانوي اداڪارا جيڪي اينزلي به سعودي ڊزائنر سلميٰ زهران جو لباس پهريو. جيڪي اينزلي 2017ع جي فلم ’ڪنگ آرٿر، ليجنڊ آف دي سوارڊ‘ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ مشهور آهي. لبناني سوشل ميڊيا انفڪشنر نيٿالي فنج سعودي ڊيزائنر طيما عابد جي لباس ۾ مشهور سوئس جيولري ڊيزائنر چوپارڊ جي زيورن سان گڏ جوهر ڏيکاريا.
