اعجازتيوڻو
دنيا جي سڀني شاهوڪار تهذيبن جيان سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت به هڪ شاهوڪار تهذيبي ورثو آهي موهين جي دڙي جي ڪنگ پريسٽ کي پاتل اجرڪ اڄ به اسان جو ثقافتي نشان آهي ڪشمير کان وٺي ڪيٽي بندر ۽ گجرات تائين سنڌو تهذيب جا رنگ پکيڙيل آهن هر سال جيان هن سال پڻ سنڌ سميت دنيا جي هر ملڪ ۾ رهندڙ سنڌي پنهنجي ثقافت سان پيار جي اظهار جي طور تي اڄ 4 ڊسمبر تي ثقافتي عيد ملهائي رهيا آهن ان سلسلي ۾ سنڌ جي ننڍن وڏن شھرن ۾ سنڌي اجرڪ، ٽوپي ۽ ٻين ثقافتي شين جا اسٽال پڻ لڳايا ويا آھن جتان ماڻھو وڏي شوق سان اجرڪ ، ٽوپي ۽ ٻيون ثقافتي شيون پاڻ ۽ پنھنجي ٻارن لاءِ خريد ڪري رھيا آھن جنھن سان اجرڪ ۽ ٽوپي جي کپت ۾ پڻ اضافو ٿي رھيو آھي ٻي طرف سرڪاري ۽ نجي تعليمي ادارن ۾ پڻ ثقافتي پروگرام منعقد ڪري ثقافتي ڏھاڙو ملھائڻ جو سلسلو جاري ۽ ساري آھي روزاني سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ وستي واھڻ ۾ ڏور بيتن، مچ ڪچھرين ۽ صوفي راڳ رنگ جون محفلون منعقد ڪيون پيون وڃن ۽ 4 ڊسمبر کي سنڌ جي ثقافت واري ڏھاڙي طور عيد جي ڏھاڙي وانگر ملھائڻ لاءِ مک پروگرام ۽ ريليون پڻ ترتيب ڏنيون ويون آھن ته جئين پنھنجي ثقافتي ڏھاڙي کي جوش ۽ جذبي سان ملھائي سموري دنيا کي اھو پيغام ڏيجي ته سنڌ جي ثقافت پيار, امن, محبت ۽ رواداري جو درس ڏي ٿي ۽ سنڌ جي ثقافت ۽ تھذيب ھزارين سال پراڻي آهي جيڪا هميشه زندھ رھڻي آهي ڇاڪاڻ ته سنڌ جي شاهوڪار ثقافت جا اهڃاڻ سنڌو درياھه جي قديم تهذيب موهن جو دڙو مان پڻ مليا آھن ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته دنيا جي ڪابه شي سنڌي اجرڪ ۽ ٽوپي جو مقابلو نٿي ڪري سگهي جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ھر قوم پنهنجي علائقي، ٻولي ۽ ثقافت سان پيار ڪري ٿي سنڌي صدين کان ھڪ پرامن ۽ رواداري واري قوم آهي جنهن کان ڪوبه انڪار نٿو ڪري سگهي سنڌ ۾ رهندڙ سڀئي ماڻهن کي پنهنجي ٻولي ۽ مذهبي آزادي حاصل آهي سنڌ جي ثقافت جو ڏهاڙو ملهائڻ جي شروعات 2009 ۾ سنڌي ميڊيا پاران ڪئي وئي جيڪو هر سال ڊسمبر مهيني جي پهرين هفتي ۾ ملهايو ويندو آهي ۽ ھن سال پڻ 4 ڊسمبر تي سنڌ سميت سموري دنيا ۾ رھندڙ سنڌ جي ثقافت سان پيار ڪندڙ ھر ماڻھو وڏي جوش ۽ جذبي سان سنڌي ٽوپي، اجرڪ ۽ ويس وڳا پائي ملھائيندا ثقافتي ڏهاڙي جي سلسلي م سڄي سنڌ جي سنڌين سان گڏ سنڌ ۾ رهندڙ هر ٻولي ڳالهائيندڙ ماڻهو پنهنجي علائقن ۾ مچ ڪچھريون ۽ ثقافتي پروگرام ڪري رهيا آهن سنڌ جي مڙني ننڍن وڏن شهرن سان گڏ ڳوٺن ۾پڻ ثقافتي پروگرام ۽ مچ ڪچھريون منعقد ٿي رهيون آهن جن ۾ باشعور ماڻهو پنهنجي ثقافت سان گڏ تعليم بابت شعور اجاگر ڪري رهيا آهن ڇاڪاڻ ته تعليم کان بغير ڪوبه ملڪ صوبو ترقي نه ڪري سگھندو.
ان ڳالھ ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته اسان سنڌي ماڻھون ھميشه کان مھمان نواز رھيا آھيون ڇاڪاڻ ته اسان کي مھمان نوازي ورثي ۾ مليل آھي جيڪڏھن اسان کي پنھنجي ثقافت کي زندہ رکڻون آھي ته اسان پنھنجي ٻارن کي تعليم سان گڏ پنهنجي ثقافت بابت ڄاڻ ڏيڻ لاءِ ھر ھڪ شھر ۾ ثقافتي ڳوٺ، ڪتابي ميلا ۽ لائبريريون قائم ڪري انھن ۾ پنھنجي ثقافت جي شين کي اجاگر ڪريون ۽ تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ قدم کڻڻ سان گڏوگڏ اتي ثقافتي ۽ تعليمي پروگرام منعقد ڪرڻ گهرجن ته جئين نوجوان نسل کي هن جديد دور ۾ پنهنجي روايتن ۽ ثقافت سان ڳنڍي رکڻ ۾ مدد ملي سگهي اچو ته ثقافتي ڏھاڙي تي اھو وچن ڪيون ته سنڌ جي ثقافت جو هڪ ڏهاڙو ملهائڻ، روڊن تي نچڻ ۽ سوشل ميڊيا تي فوٽو رکڻ صرف مقصد نه هجڻ گهرجي پر اسان سڀني کي پنهنجي گهرن ۾ سنڌي ٻولي ڳالهائڻ سان گڏوگڏ ثقافتي شين جو استعمال ڪرڻ گهرجي ٻارن کي جديد تعليم سان گڏ سنڌي ٻولي پڙهڻ ، لکڻ سان گڏ صحيح لهجي ۾ ڳالهائڻ جي تربيت ڏيڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته تعليم کان بغير ترقي ناممڪن آهي مان سنڌ حڪومت کي گذارش ضرور ڪندس ته سنڌ جي ثقافتي ڏھاڙي کي سرڪاري طور تي پڻ ملھايو وڃي ۽ ان ڏينھن جي حوالي سان سنڌ جي سمورين سرڪاري ۽ نجي آفيسن ۽ تعليمي ادارن ۾ سنڌ جي ثقافت، تھذيب، اولياء ڪرام بابت ڄاڻ ڏيڻ لاء پروگرام منعقد ڪري نوجوان نسل کي پنھنجي ثقافت، تھذيب بابت آگاھي ڏيڻ لاءِ قدم کنيا وڃن ۽ انھن نجي تعليمي ادارن کي پڻ ان ڳالهه جو پابند بڻايو وڃي ته ھو تعليمي ادارن ۾ تعليم حاصل ڪندڙ ٻارن کي سنڌي لازمي پڙھائين جيڪو ان تي عمل نه ڪري ان جي رجسٽريشن ڪينسل ڪئي وڃي.
ٽوپي اجرڪ ويس اسان جو،
ڪانچ، قميص ۽ کيس اسان جو،
دودن جو آ ديس اسان جو،
نالو ڏيسان ڏيس اسان جو،
محبتي ماڻهو مور هي سنڌ جا،
اَرڏا اَڙٻنگ اَٺور هي سنڌ جا
