حيدرآباد(اسٽاف رپورٽ) سنڌ هاري ڪاميٽي طرفان ثقافتي ڪئمپ حيدر چوڪ تي قائم سنڌ جي هزارين سالا تاريخ رکندڙ عظيم ثقافت کي ڀيٽا پيش نوجوانن پاران سنڌي قومي گيتن تي رقص ڪيو پيو وڃي ثقافتي ڪئمپ تي موجود سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ثمرحيدر جتوئي ۽ مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊوڪيٽ احمدنواز انقلابي ۽ ٻين اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي سنڌ سان ملاقات ٿي رهي آهي سنڌ جي قديم ثقافت کي دنيا ۾ اجاگر ڪيو پيو وڃي هنن چيو ته شاه لطيف,سچل سائين, شاه عنايت شهيد,ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي سنڌ جا وارثو اچو هڪ ٿيون محبتون ورهايون ۽ عملي جدوجهد ڪري پاڻ مڃرائيون هنن چيو ته سنڌ ڌرتي جي انچ انچ جي حفاظت ڪنداسين باباء سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جو پيغام گهر گهر ڳوٺ ڳوٺ پهچائينداسين سنڌ هڪ ڏکئي گهڙي مان گذري آهي ماروئڙا دربدر ٿيا متاثر ٿيا ڪڙورن جو نقصان ٿيو آهي ان هوندي به اڄ جڏهن ڌرتئ ماءُ جو سڏ ٿيو ته ڪروڙين سنڌي ڏک تڪيلفون پاسي تي رکي سنڌ امڙ کي لبيئڪ ڪيو آهي اڄ سنڌ جا ماڻهو متحد ٿي دنيا کي پيغام پيا ڏين ته جيستائين هڪ سنڌ زنده هوندو ڌرتي تي ٻولي تي ثقافت تي ڪو ڪمپرومائيز نه ٿيندو سنڌ جا ماڻهو نفرت ڪرڻ سکيا ئي نه آهن سنڌ جا محبتون ڏين مان ڏين کي سندن روايت سمجهن ٿا ۽ انهن عظيم روايتن جا امين آهن هنن چيو ته 4ڊسمبر تي سنڌ جا سمورا مسئلا هڪ پاسي رکي محبتن جي مالها ۾ پوئجي ويندا ۽ پنهنجي ڌرتئ سان محبت جو اظهار ڪندا ان موقعي اظهار سومرو,ڪامريڊ ولي محمد,جونيئر ڪامريڊ مظهر جتوئي,ڪامريڊ مومن علي ميرجت,مظهر آريسر ۽ ٻيا اڳواڻ به ڪئمپ تي موجود آهن
