لاڙڪاڻي ۾ ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان تقريب ڪوٺائي وئي

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي گورنمينٽ گرلس هائير سيڪنڊري اسڪول جي ثقافتي تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ اسڪول جي پرنسپال ممتاز بيگم، پروگرام آرگنائيزر مس حميره ايوب گاد، تسليم، قمرالنساءِ، رضيه عباسي، رضوانه، ثريه، فهميده، سعيده، شبانه، امتياز خاتون، رابيلا، اقرا، ماريه، ريما سميت گسٽا عورت اڳواڻ ۽ فيميل ٽيچرس توڙي شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ شاگردياڻين تقريرون، ٽيبلوز، گيت ۽ خاڪا پيش ڪيا تقريب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. جڏهن ته ناليوارن فنڪارن راجا سمون، ماسٽر امتياز علي، سائين سوائي ۽ ٻين سنڌي قومي گيت ڳائي پنڊال ۾ ويٺلن کي جهومائي ڇڏيو. ان موقعي تي اسڪول جي پرنسپال ممتاز بيگم چيو ته اسان کي سنڌ جي ثقافت تي اسان کي فخر آهي، ڇا ڪاڻ جو سنڌ جي ثقافت هزارين سال پراڻي آهي، جنهن ڪري پوري دنيا ۾ اسان جو ڳاٽ اوچو آهي ۽ پنهنجي ثقافت کي سنڌ واسي ڀرپور نموني ملهائي سنڌي هجڻ جو ثبوت ڏئي رهيا آهن اڄوڪي ڪوٺايل تقريب ۾ شاگردياڻين سنڌ جي ثقافت کي ڀرپور اجاگر ڪري اِهو ثابت ڪيو ته هو پنهنجي ڌرتي سان بي پناهه محبت ڪرڻ سان گڏ پنهنجي ثقافتي ڏهاڙي کي وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهائينديون ڇاڪاڻ زندهه قومون پنهنجي ثقافت جو ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهائي امن، محبت ۽ ڀائيچاري جو پيغام ڏيندا آهن. ان موقعي تي شاگردياڻين چيو ته اڄوڪي تقريب ۾ شرڪت ڪري ڏاڍي خوشي محسوس ڪري رهيا آهيون اميد ته مستقبل ۾ اهڙي قسم جون تقريبون ڪوٺايون وينديون جنهن سان اسان جي حوصلا افزائي ٿيندي آهي. 

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں