حيدرآباد( اسٽاف رپورٽر) زرعي ماھرن، ليکڪن، پبلڪ ھيلٿ اسپيشلسٽن ۽ سياسي ڪارڪنن چيو آھي تھ 2010ع کان وٺي 2022ع تائين پاڻي اچڻ جي صورت ۾ ايندڙ تباھي انتظامي ڪوتاھين ۽ غلط پلاننگ جو نتيجو آھي، درياھ ۾ ايندڙ پاڻي ٻوڏ نه پر دريائي وھڪرا ھوندا آھن، وھڪرا درياھ جي زندگي آھن، شھري ميڊيا درياھھ جي وھڪرن کي ٻوڏ جو نالو ڏنو، ايل بي او ڊي ۽ آر بي او ڊي جھڙا منصوبا سنڌ جي تباھي ۽ بربادي جو سبب بڻجن ٿا، سنڌ حڪومت ايل بي او ڊي ۽ آر بي او ڊي جھڙن انسان دشمن ۽ ماحوليات دشمن منصوبن خلاف وفاقي حڪومت ۽ واپڊا آڏو احتجاج رڪارڊ ڪرائي، پاڻيءَ جي فطري وھڪرن کي بند ڪرڻ سان تباھيون آيون آھن، ھتي ڊرينيج جو علاج شروع کان وٺي ناھي ٿيو، منصوبن تي سوشل سائنٽسٽن ۽ سوشل ايڪٽوسٽ کي نظر رکڻ گھرجي، قدرتي آفتن ۽ ترقياتي ڪمن جي حوالي سان ماڻھن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آھي، ماحولياتي تبديلين کي پنھنجو لکيو سمجھي ماٺ ڪري نھ ويھڻ گھرجي. اھڙن خيالن جو اظھار ھنن ڪالھھ حيدرآباد پريس ڪلب ۾ حيدرآباد روشن خيال فورم پاران برساتي ٻوڏ 2022ع بابت “سنڌ ٻوڏ کانپوءِ، ڇا ٿيو، ڇا نھ ٿيو؟، ڇا ٿيڻ گھرجي” جي عنوان ھيٺ ڪوٺايل مباحثي ۾ ڳالھائيندي ڪيو. ان موقعي تي پبلڪ ھيلٿ اسپيشلسٽ عبدالرحمان پيرزادي چيو تھ اسان وٽ فطري وھڪرن سان وڌندڙ آبادي سان گڏ سرمائيدارن وڏيون شرارتون ڪيون آھن، ھتي ته اتر سنڌ واري پاسي ھڪ وھڪري تي سگھاري اداري جون تعميراتون ٿيل آھن ان ڪري اتي ڪير ڳالھائي نٿو، چيو وڃي ٿو تھ انگريز اسان جي کي آبپاشي جو سڄو نظام ٺاھي ڏئي ويا، پر انگريزن بھ فطري وھڪرن کي برباد ڪيو، 8 ھزار سال اڳ موھن جي دڙي ۾ واشروم جو تصور ھو، ھنن ڊرينيج جو نظام ٺاھيو، پر اسان وٽ اڃا تائين ڊرينيج جو نظام نھ جڙي سگھيو آھي، واشروم جھڙي سھولت کان اسان جي وڏي آبادي اڃا تائين محروم آھي، اسان مينھن جي بيٺل پاڻي کي ٻوڏ چئي رھيا آھيون. ھن چيو تھ سنڌ جي صحت جي صورتحال انتھائي خراب رھي آھي، 10 ھزار مائرن مان 29 مائرون ويم دوران مري وڃن ٿيون، ھزار ٻارڙن مان 61 ٻارڙا پنھنجي پھرين سالگرھھ بھ نٿا ڏسي سگھن، زندھ ڄاول ھڪ ھزار ٻارڙن مان 32 ٻارڙا ماءُ جو کير پيئڻ بنا فوت ٿي وڃن ٿا، سنڌ ۾ 528 ماڻھن جي آبادي تي صرف ھڪ ڊاڪٽر آھي ۽ اڍائي ھزار آبادي تي ھڪ نرس، ھاڻوڪي ٻوڏ دوران 51 لک آبادي متاثر ٿي، جنھن ۾ 29 لک 64 ھزار 5 سالن کان گھٽ عمر وارا ٻارڙا شامل ھئا، 65 سالن کان وڌيڪ عمر رکندڙ 5 لک 34 ھزار ماڻھو بي گھر ٿيل ماڻھن ۾ شامل آھن، بي گھر ٿيل 5 لک اھڙيون عورتون ھيون جن جي پويان 5 ٻارڙا ھئا، رڳو 16 ھزار عورتن جو ويم صحت کاتي جي انتظام ھيٺ ٿيو، باقي ٻين عورتن جي خبر ئي ناھي تھ انھن جو ڇا ٿيو، ٻوڏ کان اڳ واري صورتحال جي انگن اکرن موجب سنڌ جا 50 سيڪڙو ٻارڙا خوراڪ جي کوٽ يعني ميل نيوٽريشن جو شڪار آھن، جنھن مان اھو اندازو لڳائي سگھجي ٿو تھ ٻوڏ کانپوءِ جيڪا تباھي ٿي آھي ان نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن جي صحت ڇا ٿي سگھي ٿي، سنڌ جيڪا ٻوڏ جي تباھي کان اڳ ئي خوراڪ جي کوٽ، صحت جي سھولتن جي اڻھوند ۽ بنيادي سھولتن کان محروم ھئي ان سنڌ جي حالت ٻوڏ کانپوءِ انتھائي بدتر ٿي وئي آھي. ھن چيو تھ ٻوڏ کانپوءِ متاثر ٿيندڙ اھي سمورا ماڻھو جڏھن پنھنجن گھرن ڏانھن واپس موٽندا تھ ھنن جي لاءِ رڳو ڪاري وارا ڪک ئي ھوندا، باقي ڪجھھ بھ نھ بچيو ھوندن. ھن چيو تھ وقت اسان جي لاءِ پيئڻ ۽ رڌ پچاءُ جي لاءِ پاڻي حاصل ڪرڻ وڏو مسئلو آھي، جيڪو پاڻي ميسر آھي اھو رڳو بيمارين کانسواءِ ڪجھھ ناھي. نامياري ليکڪ، زرعي ۽ ٻيلي کاتي جي ماھر اعجاز نظاماڻي چيو تھ درياھھ مان گذرندڙ پاڻي کي ٻوڏ نھ پر درياھھ جو وھڪرو ئي چئي سگھجي ٿو، پر شھري ميڊيا ان کي ٻوڏ چوي ٿي، درياھھ ۾ جڏھن پاڻي اچي ٿو تھ ڪچي جي ماڻھن کان پڇيو تھ ھو ان جي حوالي سان ڇا ٿا چون، 2010ع ۾ بھ ٻوڏ نھ ھئي پر فطري وھڪرن کي بند ڪيو ويو ھو، سنڌ ۾ پاڻي جي غلط انتظامڪاري جي ڪري جيڪو نقصان ٿئي ٿو ان جو وڏو سبب ايل بي او ڊي آھي، ان پراجيڪٽ جي غلط پلاننگ ۽ ڊزائين ڪئي وئي. ھن چيو تھ سنڌ حڪومت کي ايل بي او ڊي ۽ آر بي او ڊي جھڙن منصوبن تي واپڊا آڏو احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ گھرجي، ڇو تھ ٻئي منصوبا واپڊا جا ايگزڪيوٽ ڪرايل آھي، انھن منصوبن جي ڪري ئي ماڻھو رلي ويا آھن. ھن چيو تھ 2010ع واري ٻوڏ ۾ درياھ 11 کان 12 لک پاڻي گذاريو ھو، ھن وقت 2022ع ۾ پاڻي ان کان تمام گھڻو گھٽ ھو، پر تنھن ھوندي بھ لکين ايڪڙ زرعي زمين ٻڏي وئي، سنڌ جو گھڻو حصو پاڻي ھيٺ اچي ويو، ان ۾ ڪو شڪ ناھي تھ برساتون تمام گھڻيون ٿيون، پر اھي برساتون بلوچستان ۽ سنڌ جي مخصوص علائقن ۾ گھڻيون ٿيون ھيون، پنجاب ان صورتحال کان آجو ھو، سنڌ ۾ غلط پلاننگ جي ڪري ڪيترائي مھينا گذرڻ باوجود پاڻي ناھي سڪو، اسان مسئلن جي جڙ تائين نٿا پھچون، ھتي ڊرينيج جو جوڳو انتظام ناھي، اسان وٽ سرفيس ڊرينيج جو نظام ھجڻ گھرجي، ھتي ايل بي او ڊي جھڙي منصوبي جي لاءِ اسان ھڪ ارب ڊالر قرض کنيو، اسان وٽ ادريس راجپوت جھڙا پاڻي ماھر ايل بي او ڊي جي حوالي سان عجيب منتق ڏيندي نظر آيا، آئون ادريس راجپوت کي آبپاشي کاتي جو طارق جميل سمجھندو آھيان. ھن چيو تھ اسان وٽ ڪانٽريڪٽر منصوبا ھلن ٿا، اڄ جي دور ۾ ماحولياتي تبديلون واقعي ھڪ وڏو چئلينج آھن، پر ان کي ماڻھو ھاڻ پنھنجي نصيب جو لکيو سمجھي رھيا آھن، ماحولياتي تبديلين جي تناظر ۾ تھ اسان کي سوين ارب ڊالرن جي سيڙپ جي ضرورت آھي. ھن چيو تھ ھن صورتحال ۾ سوشل سائنٽسٽ ۽ سوشل ايڪٽيوسٽ اڳيان اچن، ھاڻ سوشل ميڊيا جو دور آھي جتي ڪيتريون ئي ڪوڙيون خبرون بھ ھلن ٿيون تھ ڪجھھ وري تمام اھم ڳالھيون بھ سامھون اچن ٿيون، پاڪستان ۾ ڊرينيج جو علاج شروع کان وٺي ناھي ٿيو. سينيئر صحافي اسحاق مڱريو چيو ته سنڌ ۾ پاڻيءَ جي فطري وھڪرن کان اتر کان ڏکڻ تائين بند ڪيو ويو آھي، سمورن فطري وھڪرن کي نوان رخ ڏنا ويا آھن، جنھن ڪري پاڻي جي نيڪال ۾ رڪاوٽون پيش اچن ٿيون. ھن چيو تھ اسان وٽ ميڊيا فطري وھڪرن جي صورتحال کان اڻڄاڻ آھي، جنھن ڪري ميڊيا تي پاڻي جي ڇوڙ جي حوالي سان عجيب غريب ڳالھيون بھ ٿينديون رھنديون آھن، ھتان ڪٽ ھڻجي تھ ھوڏانھن پاڻي ويندو ۽ ھتي ڪٽ ھڻجي يا نھ ھڻجي جھڙا بحث پيا ٿيندا آھن، پاڻي جي فطري وھڪرن جي تاريخ کي ڏسڻ گھرجي ۽ اصل حقيقتون عوام آڏو آنديون وڃن، آبپاشي کاتو پنھنجي پلاننگ جو جائزو وٺي، ھي معاملو ايترو سادو ناھي. ھن چيو تھ ٻوڏ کانپوءِ سنڌ ۾ صحت جي سھولتن جي کوٽ آھي، خوراڪ جو مسئلو اڃا گھڻو وڌي سگھي ٿو، زرعي فصل اپت نھ ڏئي سگھيا آھن، سڄو انتظامي ڍانچو تباھھ ٿي ويو آھي. وڪيل اڳواڻ الطاف سچل اعواڻ چيو تھ ھاڻوڪين برساتن کانپوءِ اسان جا ڳوٺ ۽ شھر تباھھ ٿي ويا آھن، موھن جو دڙو 8 ھزار سال اڳ تباھھ ٿيڻ کانپوءِ بھ پنھنجن آثارن سان اڄ ڏينھن تائين موجود آھي، پر اسان تھ 8 ھزار سال پوئتي ھليا ويا آھيون. ھن چيو تھ دنيا ۾ آفتون اينديون آھن پر انھن جو حل ڪڍيو ويندو آھي، ھتي انتظاميا رڳو ھڪ نوٽيفڪيشن ڪڍي پنھنجي جان آجي ڪرائي وٺندي آھي، ٻوڏ دوران ماڻھن کي اوچتو چيو ويو تھ بس ڀڄو نڪرو ڳوٺ ۽ شھر خالي ڪيو، پر ڪي بھ انتظام نھ ڪيا ويا، اھڙن سي ايس ايس آفيسرن ڊپٽي ڪشمنرن کي تھ ڪرسي خالي ڇڏي ڏيڻ گھرجي. ھن چيو ته ھاڻ وري چيو پيو وڃي ته بحالي وارو ڪم ڪنداسين، جن تباھي ڪئي اھي وري بحالي جو ڪم ڪيئن ٿا ڪري سگھن، سمورن ادارن کي پنھنجي ڪردار تي نظر وجھڻ گھرجي، ايندڙ وقت ۾ ادارن کي پنھنجي ذميواري ادا ڪرڻ گھرجي ٻي صورت ۾ اھي تباھيون ھر سال ٿينديون رھنديون. سياسي ڪارڪن ماروي لطيفي چيو تھ 2010ع واري ٻوڏ مان اسان کي سکڻ گھرجي ھا، ان وقت چيو ويو تھ پاڻيءَ جي سمورن فطري وھڪرن تان قبضا ختم ڪرايا ويندا، پر حڪومت ڪو بھ قدم نھ کنيو، نيٺ 2022ع ۾ تباھي آئي، حڪومت کي اڳ ئي اھو ٻڌايو پئي ويو تھ ھن ڀيري برساتون تمام گھڻيون ٿينديون، پر ڪو بھ انتطام نھ ڪيو ويو. ھن چيو تھ ٻوڏ دوران اسان کي انتظاميا ۽ حڪومت نظر نھ آئي، پي ڊي ايم اي جي رپورٽ چيو ويو آھي تھ ٻوڏ دوران 800 سئو ماڻھو فوت ٿيا، جنھن ۾ وڏو انگ ٻارڙن جو ھو، ٻوڏ سميت قدرتي آفتن جي ڪري سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ عورتون ۽ ٻارڙا آھن، جيڪي تمام گھڻو ڀوڳين ٿا، عورتون ذھني ۽ جسماني تڪليفن کي منھن ڏين ٿيون. ھن چيو تھ ٻوڏ دوران رليف ڪيمپن ۾ اسان جيڪا صورتحال ڏٺي اھا تمام گھڻي ڏکوئيندڙ ھئي، ميڊيڪل ڪيمپون لڳل ھيون تھ دوائون نھ ھيون، جنھن اسڪولن ۾ رليف ڪيمپون قائم ڪيو ويو انھن ۾ يا تھ بجلي نھ ھئي، جيڪڏھن بجلي ھئي تھ پکا ۽ بلب نھ ھئا، اسڪولن جي انتظاميا متاثرن کي اسڪولن جي اندر اچڻ نھ پئي ڏنو، اسڪولن جي بجلي بند ڪئي پئي وئي، روڊن رستن تي ويٺل عورتن جي لاءِ واشروم جا حاجت پوري ڪرڻ ڏکيو ٿي پيو ھو، عورتون سڄو ڏينھن انتظار ڪنديون ھيون تھ رات ٿئي جيئن ھو واشروم جي حاجت پوري ڪري سگھن، ٻارڙن وارين مائرن جي خوراڪ جي کوٽ سبب ٿڃ سڪي وئي ھئي ۽ ھو پنھنجن معصوم ٻارڙن کي ٿڃ نھ پئي ڏئي سگھيون، معصوم ٻارڙا بک، اُڃ ۽ بيمارين سبب تڙپندي ڏٺاسين، متاثر ماڻھو اھڙو پاڻي پيئڻ تي مجبور ھئا، جيڪو پيئڻ تھ پري جي ڳالھھ پر ان کي اسان ھٿ بھ نٿا لڳائي سگھون. ان موقعي تي حيدرآباد روشن خيال فورم جو اڳواڻ ڊاڪٽر حميد سومرو، ايڇ آر سي پي جو ريجنل ڪوآرڊينيٽر پروفيسر امداد چانڊيو، پروفيسر عبدالمجيد چانڊيو ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.
