علي محمد ميمڻ
ملڪ ۾حڪومت ۽ رياستي معاملن جي حوالي سان تمام گهڻي دلچسپ صورتحال۽ وڏي اٿل پٿل پيدا ٿي وئي آهي. ائين معلوم ٿي رهيو آهي ته، اسٽيبلشمينٽ واري مرڪز کان اقتدار ۽ اختيارن جي منتقلي وارو عمل شروع ٿي ويو آهي. عجيب صورتحال ته ان وقت ڏسڻ ۾ آئي جو وفاقي گادي واري مرڪز ي شهر اسلام آباد تي قبضو ڪرڻ لاء سونامي وارن جٿن ۽ رانديگرن جي شروع ڪيل مارچ وزير آباد وٽ حادثي جو شڪار ٿيڻ بعد گوڏا ئي کوڙي ڇڏيا. اڌ مهيني تائين هلندڙ اهو لانگ يا شارٽ مارچ جيئن راولپنڊي جي ويجهو ايندو ويو ته طاقت ور مرڪزن ۾ ٿيندڙ اٿل پٿل ۽ تبديلين ڪري سندن روح پڻ فنا ٿيندو ويو. سندن حوصلا جواب ڏئي ويا ۽ سموريون ڀڀڪيون ئي هوا ٿي ويون..ڪپتان خان طرفان ڪيل يلغار ۽ بغاوت وارا نعرا پڻ هالي ووڊ واري مشهور فلم”دي ممي“ واري ريت جي طوفان واري منظر ۾تبديل ٿيندي ڏسڻ ۾ آئي جنهن ۾ آسمان ۾ اڏامندڙ ريت ۾ پيدا ٿيل شڪل وانگر اڀرڻ بعد زور ٽٽي وڃڻ تي انهي”طلسماتي شو“ جي هوائن ۾وکري وڃڻ وارا منظر پڻ سموري ملڪ جي ماڻهن پنهنجين اکين سان ڏٺا. هي طلسماتي کيل ۽ جادونگري جي ڪرتب ڪارن جو جلوس، راولپنڊي پهچڻ بعد ريت جي واچوڙي وانگر پنهنجي انت ۽ انجام کي ڪيئن پهچي ختم ٿي ويو، بلڪل اهڙو منظر هو جيئن پرين ۽ ديون جي قصن وانگر ڪنهن ديو جي طاقت ۽ زورآوري جو راز ڪوهه قاف واري طوطي ۾ هجي جنهن جي ڳچي مروڙڻ سان هيڏو وڏو ديو پاڻمرادو ڪري مري وڃي.
عجيب ڳالهه ٿي جو پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزير اعظم عمران خان طرفان حڪومت کي ڊاهڻ بجاء قومي اسيمبلي بعد ملڪ جي سياسي ۽ پارليماني سرشتي ۾ نه هلي سگهڻ ڪري پارليمان جي ٻين ايوانن، صوبن جي اسيمبلين کان پڻ استعفائون ڏيڻ وارو آپگهاتي اعلان ڪري پنهنجي سياسي انت ۽ انجام ڏانهن تيزي سان سفر شروع ڪري ڇڏيو آهي. اسان جي ملڪ جي سياسي تاريخ جو اهو تمام دلچسپ واقعو آهي ته هڪ بددماغ رانديگر کي سياستدانن وارو روپ ۽ ٻهروپ ڏيئي ميدان ۾ لاٿو ويو، هن کي”تيلي مان ٿنڀ ۽ گدڙ مان ڪنگ ڪانگ“ بڻائي پيش ڪرڻ لاء سموري ملڪ جي وسيلن ۽ قارون جي خزانن جا منهن کولي ڇڏيا ويا. هالي ووڊ جي مشهور مشيني ايڪشن فلم” ٽرمينيٽر” واري ڪردار وانگر هن ڪرڪيٽر ۽ ريٽائر رانديگر کي جمهوريت مخالف ۽ وفاق دشمني واري منصوبي جي تربيٽ ڏيئي پيراشوٽ ذريعي ملڪ جي اقتدار ۽ اختيارن جي ايوان ۾ آڻي ويهاريو ويو. 2018ع وارين عام چونڊن کي سرڪار ۽ بااختيارن جي نگراني ۽ انتظامن هيٺ چوري ڪري رانديگرن جي هارايل جماعت ۽ شڪست کاڌل مشيني ماڻهو کي ڪامياب قرار ڏياري، عوام جي ووٽن ۽ فيصلن جي جهڙي ريت توهين ڪئي وئي اهو پاڪستان جي تاريخ جو هڪ وڌيڪ هاڃيڪار سانحو هو جنهن سان ملڪ ڏيهي ۽ پرڏيهي دنيا سان لاڳاپا وڌائڻ۽ڪاميابيون حاصل ڪرڻ بجاء ملڪ کي گهرو انتشار معاشي ڏيوالي ۽ دنيا سان اجاين جهيڙن، اختلافن ۽ سانحن ۽ معاشي ڏيوالي جو شڪار ڪري ويو.
اسانجي ملڪ سان اهڙي قسم جا واقعا ۽ حادثا اڪثر ٿيندا رهيا آهن جو بااختيار ۽ بااثر گروهن جي اقتدار تي قبضي واري هوس ملڪ جي حڪومتي سرشتي ۾ غير آئيني ، غير قانوني ۽ غير اخلاقي مداخلت ڪري قبضا ڪيا ويندا رهيا آهن ۽ انهن حادثن جي نتيجي ۾ ملڪ کي وڃي کڏ ۽ کاهين ۾ ڪيرايو ويندو رهيو آهي. گذريل سالن ۾جوابدار گروهن طرفان”ڪپتان خان کي اقتدار ۾ آڻڻ واري منصوبي“ کي اڳتي وڌائڻ لاء ملڪ جا سمورا وسيلا ۽ اختيار استعمال ڪيا ويا ۽ جهڙي ريت، نفرتن جي سوداگر ۽ وفاق ۽ جمهوريت مخالف منصوبي تي عملدرآمد ڪرڻ لاء”ڪپتان خان“ کي ”ٽرمينيٽر“ بڻائي ملڪ جي سياسي ميدان ۾ لاٿو ويو ۽ سمورا وسيلا ۽ طاقت مهيا ڪري”ڪنگ ڪانگ“ بڻايو ويو. اهو ڪم اڳوڻين ٿيل وارداتن کان بلڪل مختلف ۽ وڌيڪ هاڃيڪار عمل ثابت ٿيو. سموري ملڪ ڏٺو ته جهڙي ريت، 2018ع ۾ٿيل عام چونڊون چوري ڪري انٽرنيٽ ۽ ڪمپيوٽرائزڊ سسٽم ۽ آر ٽي ايس نظام تي قبضو ڪري چونڊن جا نتيجا تبديل ڪيا ويا ۽ هارايل ڌر کي ڪامياب قرار ڏنو ويو ۽ عوام جي ملڪ تي هڪ غير سياسي مخلوق ٽرمينيٽر خان ۽ سندس”ڪنگز پارٽي“ کي حڪمران بڻائي ڇڏيو ويو. جنهن سموري ملڪ جون بنيادون ئي لوڏي ڇڏيون. اقتدار ۾ اچڻ بعد ڪپتان ٽرمينيٽر خان ۽ سندس ڪنگز پارٽي طرفان پنهنجي” اصل پروگرام“ تي تيزي سان ڪم شروع ڪيو ۽ ملڪ جي جمهوري ادارن کي مسمار ڪرڻ ۽ ڊاهڻ ۽ بلڊوزر هلائڻ شروع ڪيا.
ملڪ ۾ٽرمينيٽر خان ۽ سندس”ڪنگز پارٽي“ کي حڪمران بڻائي جيڪي اصل ڪم ڪرڻ هئا انهن بابت هاڻي سمورا ڳجهه ۽ راز ته منظرعام تي اچي چڪا آهن ته، ملڪ مان جمهوري پارليماني ۽ وفاقي سرشتي جو خاتمو ڪري ملڪ ۾ صدارتي نظام لاڳو ڪرڻ ۽ ملڪ جا سمورا صوبا ختم ڪري مڪمل طور تي ملڪ کي ون يونٽ ۾ تبديل ڪرڻ ۽ ملڪ جي قومن جي سڃاڻپ ختم ڪري ملڪ کي هڪ ئي قوم جو ملڪ بنائڻ وارا منصوبا بڻايا ويا هئا جنهن تي طاقت جي زور تي ۽ تيزي سان عملدرآمد پڻ شروع ڪيو ويو هو. ملڪ جي پارلياماني جمهوري ۽ وفاقي سرشتي کي مسمار ڪرڻ ۽ ڊاهڻ خلاف رڪاوٽن کي هٽائڻ جو سلسلو پڻ شروع ڪيو ويو هو، جنهن تحت پارليامان کي بي مانائتو ڪرڻ، مفلوج بنائڻ، آئين ۽ قانون جي حڪمراني خلاف ڪم ڪرڻ واريون ڪارروائيون تيز ڪيون ويون. ملڪ جي سياسي جماعتن ۽ سياسي شخصيتن خلاف ڪارروائيون تيز ڪرڻ، ڪيس ٺاهڻ ۽ عزت وارين شخصيتن ۽ اڳواڻن لاء جيلن جا دروازا کولي ڇڏيا ويا. ميڊيا جي ادارن تي پابنديون مڙهڻ وارو سلسلو ته پنهنجو اولين حق قرار ڏئي ميديا هائوسز کي يرغمال بنائڻ، گوڏا کوڙائڻ ۽ وڏي تعداد ۾صحافين کي سزائون ۽ ميڊيا ادارن مان سندن ملازمتون ختم ڪرائڻ لاء پڻ ننهن چوٽيء جو زور لڳايو ويو ۽ انهن شرمناڪ ۽ غير آئيني ۽ غير قانوني ڪم ڪرڻ ۾به ڪو شرم ۽ حيا محسوس نه ڪيو ويو. ٽرمينيٽر خان واري انهيء راڄ ۾حڪومت ۽ ڪپتان تي تنقيد ڪرڻ کي ملڪ دشمني ۽ بغاوت وارن ڏوهڻ ۾ شمار ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو، ڪيترن ئي عزت وارن کي گرفتار ڪري يا گم ڪري کين بي عزتو ڪرڻ ۽ پيڙهائڻ وارا اهي ڪارا ڪم پڻ وڏي واڪي ڪيا ويندا رهيا،
ملڪ جي طاقت ور ايوانن ۾ وڏي پيماني تي اٿل پٿل ٿي ويئي آهي ۽ ملڪ جي سياسي معاملن کان ڌار ٿيڻ ۽ ملوث بااختيارن خلاف ضابطي جي شروع ٿيل ڪارروائين بعد يقينن هاڻي ڪپتان خان ۽ سندس ڪنگز پارٽي يتيم ٿي وئي آهي. اها جماعت سندس ليڊر ۽ مينيجرز لاء پڻ هاڻي ڪنڌ تي بار بنجي وڃڻ قدرتي ڳالهه آهي ۽ ڪنگز پارٽي کي پالڻ مشڪل ٿي ويو آهي. يقينن اهو ئي سبب آهي جو راولپنڊي واري لانگ مارچ جي جلسي ۾ ڪپتان خان کي ملڪ جي سياسي سرشتي کان لاتعلقي جو اعلان ڪرڻو پيو ۽ اسيمبلين تان استعفائون ڏئي سمورو بار پنهنجي ڪنڌ تان لاهي اڇلائڻ ۽ ڦٽو ڪرڻ جو اظهار ڪيو ويو. اهڙي صورتحال ۾سندن هزارين ڪارڪنن جي پڇاڻن ۽ سوالن کي آزار ۽ مٿي جو سور قرار ڏيڻ لڳي آهي پر بوتل مان ٻاهر نڪتل اهي جن هاڻي بوتل ۾ واپس وڃڻ لاء تيار نه آهن ۽ اهي هاڻي سندن ڪپتان جو ئي گهيرو ڪري رهيا آهن. تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان طرفان راولپنڊي ۾ اسيمبلين تان استعفائن جي ڪيل اعلان تي پڻ عملدرآمد ڪپتان جي فيصلن تي اختلاف وڌي وڃڻ ڪري تمام گهڻو مشڪل ٿي ويو آهي . ڪپتان هاڻي تيزي سان پٺتي هٽڻ شروع ڪيو آهي ۽ حڪومت کي ڳالهين جي آڇ ڪئي وئي آهي.وزيراعظم شهباز شريف طرفان اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي مشروط ڳالهين کي رد ڪيو ويو آهي ۽ کين مانائتو ۽ قابل قبول طريقيڪار اختيار ڪرڻ لاء چيو ويو آهي.يعني هاڻي ڪپتان ۽ ڪنگز پارٽي کي آئين ۽ قانون مطابق هلڻو پوندو ۽ ملڪ ۾ عام چونڊون پنهنجي مقرر وقت آگسٽ يا آڪٽوبر 2023ع کي قبولڻ تي راضي ٿيڻو پوندو ۽ انهي کان علاوهه پنهنجن گناهن ۽ ڏوهن جو حساب ڪتاب پڻ ڏيڻو پوندو.
Email. alimemonlive@yahoo.com
