پکو:روڊ حادثي ۾ فوت ٿيلن جي وارثن وٽ ميڙ منٿ قافلو پهتو،متاثر ڌر معاف ڪري ڇڏيو

پکو(ن س) ھڪ ھفتو اڳ پکو ۾ ڪوھيڙي سبب ٽريڪٽر ۽ ڪار جي ٽڪر ۾ فوت ٿيندڙ رتوديرو واسي سيد برادري جي 5 ڄڻن عظيم شاھ مٺل شاھ اسماعيل شاھ ٻارڙي منت شاھ ۽ عورت بيبي صابره شاھ جي وارثن ڏانھن ميڙ منٿ قافلو پھتو جنھن ۾ مختلف برادرين سيد , مغيري, سولنگي, بروھي, لغاري, پنھور, گوپانگ, ساريو, چانڊيو, تيوڻو, کوهارو, ميئو راجپوت,  جلباڻي، عمراڻي ،برادي جي معززين ڳوٺ نبي شاھ وڳڻ پھتا جتي فوت ٿيل سيد خاندان جي وارثن سيد وڏل شاھ سيد ظھور شاھ ۽ سيد مقبول شاھ سيد جبل شاھ علي اڪبر شاھ سيد بدرالدين شاھ آيل ميڙ کي مانُ ڏيندي معاف ڪري ڇڏيو آيل ميڙ کي مانُ ڏيندي بخش ڪري ڇڏيو اھڙي طرح ميڙمنٿ قافلو واپس روانو ٿي ويو. 

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں