ڪراچي (بيورو) پ پ اڳواڻ وقار مهدي سنڌ مان بنا مقابلي سينيٽر چونڊجي ويو. اليڪشن ڪميشن سنڌ جي پڌرائيءَ موجب پ پ جو وقار مهدي صوبي مان سينيٽر چونڊجي ويو آهي، اها سيٽ مصطفيٰ نواز کوکر جي استعيفيٰ کانپوءِ خالي ٿي هئي. سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ وقار مهدي کي بنا مقابلي سينيٽر چونڊجڻ تي مبارڪباد پيش ڪندي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جا ٿورائتا آهيون جنھن پنهنجي اميدوارن کي سينيٽ جي چونڊ ۾ دستبردار ڪرايو. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته هي صدر آصف علي زرداري جي مفاهمتي پاليسي جو تسلسل آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي کي سنڌ اسيمبلي ۾ اڪثريت حاصل آهي، وقار مهدي آسانيءَ سان ڪاميابي ماڻي وڃي ها پر پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت جو ويزن آهي ته سڀني کي گڏ کڻي هلڻو آهي. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي اڄ پنھنجي هڪ ٻئي سياسي ڪارڪن کي وڏي ايوان تائين پھچايو آهي، جيڪا پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن جي ڪاميابي آهي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي پورهيتن، مزدورن ۽ ڪارڪنن جي پارٽي آهي.
