ڀٽ شاھ جي نگري ثقافتي رنگن سان رنڱجي وئي

ڀٽ شاهه(ن س)سنڌي ميڊيا جي سڏ تي ڀٽ شاھ جي نگري ثقافتي رنگن سان رنڱجي وئي، سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران سنڌ سان درد جو رشتو جي عنوان سان مچ ڪچهري ۾ ڀٽائي جي راڳي فقيرن سر وکيري داد حاصل ڪيو، مقامي فنڪار فقير روشن علي ميرالي سنڌ سان درد جو رشتو ۽ فقير طالب شاهاڻي سنڌڙي تي سر ڪير نه ڏيندو ڳائي ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو، ڀٽ شاھ جي پير محلي ۾ ايس ٽي پي اڳواڻ رحمدل مگسي جي ميزباني ۾ سنڌي ميڊيا جي سڏ تي سنڌ سان درد جو رشتو جي عنوان سان برسات ۽ ٻوڏ متاثرين سان ڏهاڙو ملهائڻ جي سلسلي ۾ مچ ڪچهري منعقد ڪئي وئي  مچ ڪچهري دوران شاھ ڀٽائي جي راڳي فقيرن لياقت فقير ۽ ٻين پاران دنبوري جي تند سان شاھ جون وايون پيش ڪيون ويون، جڏهن ته مقامي فنڪارن روشن فقير ميرالي ،طالب شاهاڻي، جلال بروهي ، ملوڪ مگسي ، گلزار جتوئي، حاجي سمون ۽ ٻين پاران ثقافتي گيت پيش ڪيا ويا مچ ڪچهري ۾ فقير روشن علي ميرالي خوبصورت انداز پنهنجو تيار ڪيل گيت سنڌ سان درد جو رشتو ۽ طالب حسين شاهاڻي سنڌڙي تي سر ڪير نه ڏيندو سهندو ڪير معيار ڳائي ڀرپور خوب داد حاصل ڪيو، مچ ڪچهري دوران برسات ۽ ٻوڏ متاثرين سان يڪجهتي طور ٻن منٽن جي خاموشي اختيار ڪئي وئي، سنڌ سان درد جو رشتو جي سري هيٺ منعقد ڪيل مچ ڪچهري رات دير تائين جاري رهي جنهن ۾ پيپلزپارٽي اڳواڻ ذوالفقار سومرو، راجا حيدر بخش وساڻ، عاشق کوسو، امير علي بليدي، رجب علي بوزدار ۽ ٻين وڏي انگ شريڪ ٿي سنڌ امڙ سان محبت جو اظهار ڪيو، ان موقعي تي شاھ جي راڳي فقيرن، فنڪارن ،شهرين ۽ سياسي سماجي اڳواڻن پاران 4 ڊسمبر تي سنڌ جو ثقافتي ايڪتا ڏهاڙو ڀرپور نموني سان برسات ۽ ٻوڏ متاثرين سان گڏجي ملهائڻ جو عزم ڪيو ويو ۽ چيو ته سنڌي ميڊيا جا ٿورائتا آهيون جنهن ثقافت کي پوري دنيا ۾ متعارف ڪرايو آهي  ۽ هن دفعي ايڪتا ڏهاڙي کي برسات ۽ ٻوڏ متاثرين جي نانءُ ڪري ان کي بهترين عنوان سنڌ سان درد جو رشتو سان ملهايو پيو وڃي جنهن جي ڀرپور حمايت ڪريون ٿا،

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں