ڄامشورو ۾ شاندار ثقافتي تقريب، شاگردن پاران ٽيبلوز پيش

ڄامشورو(ڊ ر) ڄامشوري جي آءِ بي ڪي پبلڪ اسڪول ۾ شاندار ثقافتي تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ اسڪول جي استادن توڙي شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي ۾ شرڪت ڪئي، شاگردن ثقافتي ويس پھري ٽبلوز پيش ڪيا ويا، شاگردن طرفان قومي گيتن تي رقص پڻ ڪيو ويو، ان موقعي تي پروگرام کي آرگنائيز ڪندڙ محمد صالح کهڙو، ڊائريڪٽر سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن نواب ظفر انڙ، عطيعه امتياز، مرتضي جانوري، مجتبي عباسي، ثناﷲ چانڊيو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت هزارين سالن پراڻي آهي، اسان کي پنهنجي ثقافت تي فخر آهي، اسڪول جي شاگردن ۾ ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ جو جوش پڻ ڏسڻ وٽان آهي، سنڌي پنهنجي ثقافت سان پيار ڪندڙ قوم آهي،تقريب ۾ شاگردياڻين عليشه، زڪيه، دعا، نورين طرفان نياڻين جي تعليم جي اهميت بابت ٽبلوز پيش ڪيا جڏهن ته شاگردن حسنين، آصف ۽ ٻين ٻارن جي ڳالھ تي خوني تڪرار بابت ٽبلوز پيش ڪيا ويا، تقريب جي پڄاڻي ۾ شاگردن طرفان قومي گيتن تي رقص پڻ ڪيو ويو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں