چونڊن جي تاريخ نه ملڻ تي عمران خان طرفان هلندڙ مهيني ئي صوبائي اسيمبليون ٽوڙڻ جو اعلان

لاهور (بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان هلندڙ مهيني ئي صوبائي اسيمبيليون ٽوڙڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. خيبرپختونخوا جي پارلياماني ميمبرن سان وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته جيڪڏهن حڪومت عام چونڊن جي تاريخ ڏيڻ چاهي ٿي ته اسان ڳالهين لاءِ تيار آهيون، ملڪ جي ضرورت آهي ته ملڪ ۾ سياسي استحڪام اچي، سياسي استحڪام ايندو تڏهن ئي معاشي استحڪام ايندو. هن چيو ته پرويز الاهي مون کي اسيمبليون ٽوڙڻ جو اختيار ڏئي ڇڏيو آهي، اسان هن ئي مهيني صوبائي اسيمبليون ٽوڙينداسين ۽ چونڊن ڏانهن وينداسين، ميمبر چونڊن جي تياري ڪن. عمران خان چيو ته عنقريب اسيمبليون ٽوڙڻ جو اعلان ڪنداسين، اليڪشن ملڪ جي گهرج آهي، پي ٽي آءِ جي نه، چونڊن ۾ دير ٿئي ٿي ته تڏهن به اسان ئي فائدو ئي فائدو آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته مون واري ڪالهه واري بيان کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو، ڪالهه واري بيان سان کين غلط فهمي ٿي وئي، انهن سان ڪهڙي معاملي تي ڳالهيون ٿينديون، سندن حڪومت ۾ اچڻ جو مقصد ڇا هو، چوري معاف ڪرائڻ، جن کي جنرل مشرف اين آر او ڏنو انهن سان ڳالهيون ٿي ئي نٿيون سگهن. اعظم سواتي بابت سوال جي جواب ۾ عمران خان جو چوڻ هو ته اعظم سواتي لاءِ سڀني کي احتجاج ڪرڻو آهي، هڪ ٽوئيٽ ۾ ڪيل تنقيد تي اعظم سواتيءَ کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو آهي. عمران خان وفاقي سرڪار تي تنقيد ڪندي چيو ته سندن ڪوشش اِها آهي ته هاڻي هي چونڊون کٽي نٿا سگهن ته دير ڪري رهيا آهن، اليڪشن ڪميشن انهن سان مليل آهي، کين اقتدار ۾ آڻيندڙ سهولتڪارن کي خبر ناهي ته ملڪ ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي. هن چيو ته منهنجي اڳڪٿي آهي ته ملڪ کي تباهي جي ڪناري تي ڇڏي هي وري ڀڄي ويندا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں