لاهور (بيورو) وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله ۽ خواجه سعد رفيق چيو آهي ته ڌمڪيون ۽ ڳالهيون گڏ نه ٿيون هلي سگهن، جڏهن ته غير مشروط ڳالهين لاءِ ويٺا آهيون. لاهور ۾ وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله ۽ خواجه سعد رفرق پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 2018ع واري چونڊ عمران خان کي چوري ڪري ڏني وئي هئي، پوڻا چار سال عمران خان وفاقي ۾ حڪمران رهيو جنهن بعد آئيني جهموري تبديلي جي نتيجي ۾ عمران خان جو درو ختم ٿيو، حڪومت ختم ٿيڻ کانپوءِ عمران خان جون سازشون هڪ، هڪ ڪري ناڪام بڻايون. هنن چيو ته عمران خان ڪالهه ڌمڪي جوڳن ڳالهين جي آڇ ڪئي، اسان جي ڪجهه اتحادين کي سندس اهڙي آڇ تي سخت خدشا آهن، ڌمڪيون ۽ ڳالهيون گڏ نٿيون هلي سگهن، ڳالهيون سندس ضرورت آهي اسان جي نه، اِهي پاڻ ڳالهين جي آڇ ڪن ٿا ۽ پوءِ ٻڌائيندي شرمساري محسوس ڪن ٿا. سعد رفيق جو چوڻ هوته اسان جي ويجهو اسميبليون ٽوڙڻ سٺو عمل ناهي، اسان چاهيون ٿا ته چونڊون مقرر وقت تي ٿين، جيڪڏهن اوهان ڳالهيون ڪرڻ چاهيون ٿا ته فيصلو پي ڊي ايم ڪندي، اوهان سنجيدا ڳالهيون ڪندئو ته سنجيدا جواب ملندو. هن چيو ته شهباز شريف جي ميثاق معيشت واري آڇ جو عمران خان جي حڪومت مذاق بڻايو هو، اڳوڻي حڪومت سان قانونسازي ۾ سهڪار ڪيو ۽ اسان کي اين آر او جو مِهڻو ڏنو ويو . ريلوي واري وزير چيو ته ماضي ۾ به اسان جا غير رسمي رابطا ٿيا آهن، اسان چيو هو ته جيڪڏهن اوهان ڳالهيون ڪرڻ چاهيو ٿا ته فيصلو پي ڊي ايم کي ڪرڻو آهي، ڳالهيون ڪڏهن به مشروط ناهن ٿينديون.
