جنيوا (خاص رپورٽ) ورلڊ سنڌي ڪانگريس (وسڪ) جي چيئرپرسن ڊاڪٽر روبينا شيخ کي 2 ڊسمبر 2022ع جمعي واري ڏينهن جنيوا، سوئٽزرلينڊ ۾ هلندڙ 15هين اقوام متحده جي اقليتي فورم ۾ شرڪت ۽ سنڌ جو ڪيس پيش ڪرڻ جو موقعو مليو. هي هڪ نادر موقعو هو جتي سول سوسائٽي، جهڙوڪ وسڪ ۽ ميمبر رياستون، نسبتاً برابري جي بنياد تي ڳالهائي سگهن ٿيون. ڊاڪٽر روبينہ پڻ سنڌي ماڻهن تي ٿيندڙ انساني حقن جي وسيع تر ڏاڍاين جو ڪيس ڀرپور انداز ۾ پيش ڪيو. ڊاڪٽر شيخ پاڪستاني رياست جي مجرمانه غفلت کي اجاگر ڪيو جنهن سڄي سنڌ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي ۽ لکين سنڌين کي بنا ڪنهن مدد جي بدحالي، موت، بيماري ۽ بي گهريء جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. ڊاڪٽر شيخ پاڪستان جي رياست پاران سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن تي قبضي لاءِ جاري خلاف ورزين ۽ سنڌي هندن جي جبري مذهب مٽائڻ ۽ توهين مذهب سميت سنڌي هندن تي ٿيندڙ سخت ظلمن ڏانهن ڌيان ڇڪائيندي پروفيسر نوتن لال جي ڪيس کي پڻ اجاگر ڪيو. ڊاڪٽر شيخ چيو ته سنڌي ماڻهن جي جبري گمشدگين جو سلسلو جاري آهي. هن مطالبو ڪيو ته اقوام متحده ۽ ميمبر ملڪ ٻوڏ ۾ تباهه ٿيل سنڌي ماڻهن جي مدد ڪن. سمورن گم ٿيل سنڌي ماڻهن کي ۽ پروفيسر نوتن لال کي آزاد ڪيو وڃي. سنڌي هندن ۽ ٻين مذهبي اقليتن تي ٿيندڙ ظلم بند ڪيو وڃي. هن عالمي برادريءَ کي گذارش ڪئي ته سنڌي ماڻهن جي حق خوداراديت جي جدوجهد ۾ سندن ساٿ ڏين.
