ثقافتي ڏھاڙو ۽ سنڌين جو اٿليل سمنڊ

حسن ناز سومرو
ھر قوم کي پنھنجي ثقافت ھوندي آھي جنھن جي ذريعي ھو دنيا ۾ سڃاتي ويندي آھي سوسنڌ ڌرتي بہ پنھنجي ھڪ وڏي سڃاڻپ رکي ٿي جنھن کي دنيا احترام جي نظر سان ڏسندي آھي سو ڪجھ سال اڳ ۾ ڪجھ نا ونھاد صحافين نہ فقط سنڌين کي نشانو بڻايو پر سنڌ جي ثقافت کي نيچ ڏيکارڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي جنھن جي نتيجي ۾ سنڌي ماڻھن نہ فقط انھن نمڪ حرام ۽ سنڌ جي غدارن کي آئينو ڏيکاريندي سندن کليل منھن تي چماٽ وھائي ڪڍي پر سنڌ جي ثقافتي ڏھاڙِي کي ھميشہ ملھائڻ جو وچن ڪري ورتو ۽ اھوئي سبب آھي جو اڄ جي ڳلي ڳلي، ڳوٺ ڳوٺ ۽ شھر شھر سنڌ ڌرتي جا گيت ڳائي سنڌ کي مھان ڀيٽا پيش ڪئي ويندي آھي سو انھيءَ رسم کي برقرار رکندي ڊسمبر مھيني جي ھر پھرين آچر تي اھڙي قسم جون رنگا رنگي تقريبون ڪوٺائي ھر سنڌي ماڻھو پنھنجي سنڌي ھجڻ جو ثبوت پيش ڪندو آھي ۽ اھڙي طرح ھن ڀيري بہ پوري سنڌ ۾ سنڌ جو ثقافتي ڏھاڙو 4 ڊسمبر آچر جي ڏينھن تي ملھايو، سنڌ جي شھرن ڪراچي کان ڪشمور تائين ڪينجھر کان ڪارونجھر تائين سنڌ جي ھر شھر ۾ جشن جو سماءَ نظر آيو. سنڌ جي ٻين شھرن سان گڏ حيدرآباد ۾ ثقافتي ڏھاڙي جا رنگ نمايان نظر آيا سو حيدرآباد جي ھر چوڪ ۽ ھر موڙ تي سنڌي مردن توڙي عورتن ٻڍن توڙي ٻارڙن جا وڏا وڏا ميڙ نظر آيا ۽ سنڌي ماڻھو اھڙي طريقي سان ھن ڏينھن کي ملھايو ڄڻ تہ عيد جو سمان ھجي، ھر ماڻھو خوشي مان جھومي ۽ نچي رھيو ھو، حيدر چوڪ کان شروع ٿيل ميڙاڪو ايترو تہ وڏو ھو جو گدو چوڪ تائين ماڻھو ئي ماڻھو ٿي نظر آيا جڏھن تہ راڻي باغ جي اترين طرف قاسم آباد جي علاقن ۾ بہ پير پائڻ جي جڳہ نہ ھئي ھر ھنڌ جشن جو سماءَ ھو حيدرآباد جي مختلف روڊن ۽ چوڪن تي سنڌي ٽي وي چينلز پاران بہ وڏا وڏا اسٽيج ٺاھي سنڌ جي وھدانيت جا نعرا لڳرايا جڏھن تہ حيدرآباد جي عوام دل کولي پڻ داد ڏنو. حيدر چوڪ حيدرآباد تي سنڌ ھاري ڪاميٽي پاران پڻ اسٽيج سجايو ويو ھو ان کان علاوہ ايس ٽي پي پاران بہ حيدر چوڪ تي اسٽيج سجايو ويو ھو جتي عوام جو سمنڊ نظر اچي رھيو ھو ان کان علاوہ سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۾ سنڌ سرڪار پاران اسٽيج سجايو ويو ھو جتي سنڌ جي فنڪارن پنھنجي فن جو مظاھرو پڻ ڪيو ان کان علاوہ سٽي گيٽ، قاسم چوڪ، صائمہ پلازہ نيو سبزي منڊي، ھالا ناڪہ کان علاوہ ٻين ڪيترن ئي ھنڌن تي وڏا وڏا اسٽيج سينگاريا ويا ھئا جتي سنڌ جي وحدانيت ۽ سنڌ جي بقاءَ لاءَ دعائون پڻ گھريون ويون، ان کان علاوہ حيدرآباد ۾ سنڌ جي اديبن، دانشورن ۽ سگھڙن پاران پڻ مچ ڪچھرين جو انتظام ڪيو ويو ھو جنھن ۾ شاعرن، اديبن ۽ سگھڙن پنھنجي شاعري، مقالا پڙھيا جنھن ۾ سنڌ جي ثقافت ۽ سنڌ جي تاريخ تي پيش ڳالھايو ويو سگھڙن پنھنجي نڪور شاعري ۾ سنڌ ڌرتي کي بي مثال ڀيٽا پڻ پيش ڪئي جڏھن دانشورن ۽ اديبن پنھنجن مقالن ۾ چيو تہ سنڌ صدين کان ھڪ ھئي، ھڪ آھي ۽ ھڪ رھندي سو مچ ڪچھرين ۾ سنڌ جي نالي وارن سگھڙن پنھنجي شاعري ۾ سنڌ ڌرتي کي قيامت تائين دائم ۽ قائم رھڻ جي پڻ دعا ڪئي. ڪراچي ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي اڳواڻن پڻ وڏين وڏين ريلين ذريعي شرڪت ڪئي ۽ پنھنجي تقرين ۾ سنڌي ماڻھن ۾ اتساھ پيدا ڪندي چيو تہ سنڌ جا ماڻھو تعليم تي وڌيڪ توجھ ڏين ۽ اھوئي واحد ذريعو آھي جنھن جي ذريعي سنڌي ماڻھو ھن اونھي کاھي مان نڪري سگھي ٿو سو اچو تہ اھو وچن ڪريون تہ اڄ کان پوءِ ھر سنڌي ماڻھو پنھنجي ٻارڙن کي تعليم ڏياريندو سو اھي ثقافتي ڏھاڙي جون تقريبون آخري اطلاع اچڻ تائين جاري ھيو ۽ سنڌي ماڻھنو وقت جي پرواھ نہ ڪندي پنھنجي مستي ۾ مگن ھئا ۽ اھي ثقافتي ريليون پنھنجن مخصوص رستن تان گذرنديون رھيون ۽ اھي پنھنجن مخصوص ھنڌن تي تقريبن ۾ شرڪت ڪندي نظر آيون سو وقت جي گھٽ ھجڻ ڪري اسين ڳالھ کي ختم ڪندي سنڌي ماڻھن لک لک مبارڪون پيش ڪيرون ٿا ۽ اميد ٿا ڪريون تہ ھر سال انھيءَ خوشي کي ڀرپور طريقي سان ملھائڻ جون ڪوششون جاري رکندا.
hassannazsoomrohyd@gmail.com

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں