دادو (رپورٽ:علي گوھر سومرو) دادو ثقافتي رنگن ۾ رنڱجي ويو، سنڌي ميڊيا نيٽورڪ جي سڏ تي ريليون ۽ تقريبون جاري و ساري، مختلف تنظيمن پاران ثقافت ڏهاڙي کي عيد جيان ملهائڻ لاءِ ريلين جو سلسلو شروع جسقم، جيئي سنڌ تحريڪ، ايس يو پي، ايس ٽي پي، پ ٽ الف، چنا ويلفيئر ايسوسيئيشن، سرڪاري، خانگي اسڪولن جي استادن، شاگردن ۽ معذورن جي تنظيم ڊس ايبلٽي فورم پاران ريليون ڪڍيون ويون.سنڌي ميڊيا، سنڌي صحافي زنده آباد، سنڌ جي ثقافت زنده آباد جا نعرا، مک تقريب دادو پريس آڏو منعقد، جتي دادو سميت سنڌ جا مشهور فنڪار حبدار سخيراڻي، اعجاز منگي، مصطفىٰ بروھي، عباس چانڊيو، گلشير لغاري، منصور کوسو، احسن سخيراڻي ۽ ٻيا سر وکيريندا رھيا، مک تقريب ۾ سنڌ جو مشهور مزاحيه اداڪار رشيد چارڻ اسٽيج تي مزاحيه ٽوٽڪا پڻ پيش ڪندو رھيو.دادو پريس ڪلب جي صحافين صدر صابر ڀنڊ،غوث جھتيال‚ سرور جلال سولنگي، ولي محمد لنڊ، علي گل چنا ولي محمد چانڊيو ۽ ٻين چيو تہ سنڌ ثقافت جو ڏھاڙو انهن ماروئڙن جي نانءُ جيڪي هن سرد مُند راتين ۾ ٻڄڙن سان گڏ بنا ڪنهن ڇت جي کُلي آڪاش ھيٺ جيون بسر ڪرڻ تي مجبور آهن.اسان جو سنڌ ڌرتي سان پ يار ۽ محبت آهي. ڇو ته سنڌ جي مٽيءَ منجهان اسان پيدا ٿيا آهيون. اسان جي جسمن جا جزا سنڌ ڌرتي جي خمير مان جڙيا آهن. ان ڪري اسان کي هن ڌرتي سان پيار ۽ محبت آهي.
