سنڌ واسي ثقافت کي زنده رکڻ سان گڏ ڌرتي تي شدت پسندي کي وِٿي نه ڏين: آصف علي زرداري

ڪراچي (بيورو) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ اڳوڻي صدر آصف زرداري طرفان ثقافت ڏينهن جون واڌايون، جاري ٿيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته موهن جو دڙو تهذيب سنڌي ثقافت جي ماءُ آهي. بلاول ڀٽو زرداري موجب اجرڪ، ٽوپي، لوڪ ادب، موسيقي ۽ سنڌي کاڌا منفرد سڃاڻپ رکن ٿا، نوجوان ثقافت کي دُنيا ۾ جديد طريقي سان اجاڳر ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪن. آصف زرداري چيو آهي ته مهذب قومون پنهنجي ثقافت، تهذيب ۽ ٻولي کي ڪڏهن به نه وسارينديون آهن. سنڌ واسين پنهنجي تاريخ ۽ ثقافت کي سدائين مٿانهون رکيو آهي،اُنهن ڌرتي لاءِ جان ڏيندڙ شهيدن کي ڪڏهن به ناهي وساريو، سنڌ واسي ثقافت کي زنده رکڻ سان گڏ ڌرتي تي شدت پسندي کي وِٿي نه ڏين.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں