سنڌ پنهنجي آزادي ۽ عظمت جي واپسيءَ لاءِ هڪ ڀيرو  ٻيهر ظالمن خلاف اٿي کڙي ٿيندي: عمران خان

لاهور (م ڊ ) پي ٽي آءِ سربراهه ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ثقافت جي ڏهاڙي تي سنڌ واسين لاءِ پيغام  جاري ڪيو آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ عمران خان لکيو ته اڄ اسان سنڌو ماٿري جي عظيم تهذيب جي شاهوڪار ڪلچر ۽ روايتن جو ڏهاڙو ملهائي رهيا آهيون. عمران خان چيو ته سنڌ صوفين ۽ آزاديءَ جي ڌرتي آهي پر اڄڪلهه مافيا جو ظلم ڀوڳي رهي آهي. عمران خان ثقافت ڏينهن ڏهاڙي تي سنڌ واسين لاءِ پيغام ۾ چيو ته سنڌ پنهنجي آزادي ۽ عظمت جي واپسيءَ لاءِ هڪ ڀيرو  ٻيهر ظالمن خلاف اٿي کڙي ٿيندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں