اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته عمران خان پنهنجي اقتدار لاءِ ملڪي بنيادون به ڪمزور ڪري سگهي ٿو. ٽوئيٽر تي بيان ۾ عمران خان جي تازي بيان تي ردعمل ڏيندي وزيراعظم چيو ته عمران خان جو تازو بيان پارلياماني جهموريت تي حملن جو تسلسل آهي، عمران خان جي سياست جو مقصد اقتدر ۾ پنهنجو رستو ٺاهڻ آهي، ڀلي پوءِ ملڪ جا بنياد ڪمزور ٿي وڃن. هن چيو ته عمران خان جو بيان جو مطلب اِهو آهي ته هن ملڪ جي بنيادن کي ڪمزور ڪرڻ آهي.
