لاڙڪاڻي ۾ نينگري جي بازيابيءَ لاءِ وارثن جو احتجاج

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي مراد واهڻ پاڙي جي رهواسين گم ٿيل چئن سالن جي نينگري مهڪ ڦل جي ڳولا ۾ مدد لاءِ پاڪ ڪتاب کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي نينگري جي ڏاڏي لال خاتون ڦل پنهنجي ڀيڻ صاحب خاتون ۽ ڀاڻيجي شهربانو ڦل سان گڏجي دانهيندي چيو ته گذريل ڇنڇر ڏينهن منجهند ڌاري گهر ٻاهريان در تي منهنجي چئن ورهين جي پوٽي مهڪ راند کيڏي رهي هئي جتان هو پراسرار نموني گم ٿي وئي جنهن کي مختلف علائقن ۾ ڳولا ڪرڻ سان گڏ حد جي دڙي ٿاڻي جي پوليس کي پڻ اهڙو اطلاع ڏنو آهي پر معصوم پوٽي جو ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي جنهن ڪري سمورا گهر ڀاتي سخت پريشانيءَ ۾ مبتلا آهيون. اسان جي لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل آهي ته معصوم پوٽي مهڪ ڦل جي ڳولا ۾ مدد ڪري ڇانيل پريشاني ختم ڪئي وڃي.   

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں