ڀٽ شاهه(رپورٽ:اميرعلي بليدي) ڀٽ شاھ ۾ ثقافتي عيد ڀرپور جوش جذبي سان سنڌي ميڊيا جي سڏ تي لطيف جي نگري ثقافت جي رنگن سان رنگجي وئي سنڌ سان درد جو رشتو جي عنوان سان ثقافتي عيد ماروئڙن سان گڏ ملهائي وئي ثقافتي تقريب دوران ماروئڙن سان يڪجهتي طور ٻن منٽن جي خاموشي اختيار ڪئي وئي پير آف ڀٽ شاھ سيدگداحسين شاھ لطيفي پاران سنڌي ميڊيا جي سڏ تي درگاھ جي مک گيٽ آڏو تقريب ڪوٺائي وئي ۽ آجيان جي ڪئمپ قائم ڪئي وئي ثقافتي ريلين تي گلن جي ورکا ڪندي ڀٽائي جي مزار تي ماروئڙن لاءِ دعائون گهريون ويون ٽوپي پٽڪي ۽ اجرڪ پهريل نوجوانن پاران قومي گيتن تي رقص ڪيو ويو شهر جي اڪثر هنڌن تان سنڌ سان درد جو رشتو جي عنوان سان ثقافتي ريليون ڪڍيون پيون وڃن پير آف ڀٽ شاھ سيدگداحسين شاھ لطيفي ، نصير احمد ميمڻ، شڪور ناز خاصخيلي ، عبدالرشید ڏيٿو ، مسعود احمد کهڙو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته سنڌي ميڊيا جي سڏ تي ثقافتي عيد برسات ۽ ٻوڏ متاثر ماروئڙن سان ملهائي رهيا آهيون اڄ ثقافتي عيد آهي، ثقافتي تقريب جي موقعي تي جانورن جي نمائش به قائم ڪئي وئي آهي ۽ ھالا، نيوسعيدآباد ، کنڊو ، خيبر ۽ ٻين شهرن مان ثقافتي ريليون ڪڍي ڀٽائي جي مزار تي حاضري ڀري سنڌ امڙ جي ترقي ۽ ماروئڙن جي خوشحالي لاءِ دعائون گهريون ويون، اڳواڻن پاران سنڌ جو ثقافتي عيد سنڌ جي ماروئڙن سان درد جو رشتو جي عنوان سان ملهائڻ تي سنڌي ميڊيا کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو.
