ملير ۾ ثقافتي تقريب، ٻوڏ متاثرين پنهنجا ڏک وساري جهمريون هڻي سنڌ ڌرتي ۽ ثقافت کي ڀيٽا پيش ڪئي

ملير(ڊ ر) ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير پاران ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان رنگا رنگ تقريب منعقد ڪئي وئي ،ثقافتي تقريب ۾ ٽينٽ سٽي ملير ۾ رهندڙ ٻوڏ متاثرين کي خصوصي طور گهرائي اجرڪون ۽ ٽوپيون پارائي عزت ۽ مان بخشيو ويو ۽ ثقافتي عيد ۾ شامل ڪري سندن چهرن تي مرڪون وکيريون ويون،جڏهن ته سنڌي گيتن تي ٻوڏ متاثرين پنهنجا ڏک وساري جهومريون هڻي سنڌ ڌرتي ۽ ثقافت کي ڀيٽا پيش ڪئي ،تقريب ۾ ڪمشنر ڪراچي محمد اقبال ميمڻ پاڪستان پيپلز پارٽي جو اڳواڻ امان مسعود، مير عباس ٽالپر، سردار ڄام محمد جوکيو، امداد جوکيو، جان محمد بلوچ، نذير ڀٽو، سردار امام بخش هوت، ايڊوڪيٽ اشرف سمون،چيئرمين مارڪيٽ ڪميٽي علي زمان جوکيو، مسلم ليگ ن جو اڳواڻ ميان اشفاق آرائين، سليم جوکيو، ايڊوڪيٽ اياز چانڊيو، باچا خان وزير، اي جي پي اڳواڻ رشيد سڌايو، سنڌ جرنلسٽ ڪائونسل جي سربراهه غازي جهنڊير، پي ٽي آءِ جي امير جهتيال، شاهد نوح پوٽو سميت ضلعي آفيسرن سياسي سماجي اڳواڻن، صحافين ۽ ملير واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي،سنڌ جي ناليوارن راڳين فن جو مظاهرو ڪري محفل ۾ موجود ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو، ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪمشنر ڪراچي محمد اقبال ميمڻ، ايڊمنسٽريٽر ضلع ڪائونسل ڪراچي نور حسن جوکيو ۽ ٻين چيو ته سنڌي ميڊيا جس لهڻي جنهن سنڌ جي ثقافت کي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ اجاگر ڪيو آهي، ملير پريس ڪلب هر سال شاندار ثقافتي پروگرام منعقد ڪري سنڌ ڌرتي جو حق ادا ڪيو آهي، هنن چيو ته سنڌ جي ثقافت هزارين سال قديم تاريخ رکندڙ دنيا جي سڀني ثقافتن کان شاندار ثقافت ۽ تهذيب رکندڙ آهي، سنڌ ڌرتي امن، پيار، محبت ۽ ڀائيچاري جو درس ڏيندڙ دنيا جي عظيم ڌرتي آهي، اسان کي فخر آهي ته اسين سنڌ ڌرتي تي جنم ورتو آهي، هنن چيو ته سنڌ جي ثقافت کي پوري دنيا ۾ وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي، سنڌ واسي ثقافتي ڏينهن کي عيد جيان ملهائن ٿا، هنن چيو ته ملير پريس ڪلب پاران ٻوڏ متاثرين سان گڏ ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ وارو عمل ساراهه جوڳو آهي، ٻوڏ سٽيل ماڻهن کي ثقافتي عيد جي خوشين ۾ شامل ڪري سندن چهرن تي مرڪون وکيرڻ ۾ جيڪو ڪردار ملير پريس ڪلب ادا ڪيو آهي ان تي اسين کين مبارڪباد ڏيون ٿا، ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ کين سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ ملير پريس ڪلب جي صحافين جو اهم ڪردار رهيو آهي، ملير پريس ڪلب جي صحافين ٻوڏ متاثرين کي ٽينٽ سٽي ۾ رهائش ۽ سندن هر طرح جي مدد لاءِ جيڪو ڪردار ادا ڪيو اهو مڃتا لائق آهي، ان موقعي تي ملير پريس ڪلب جي صدر مرتضيٰ چانڊيو، جنرل سيڪريٽري حنيف سومرو ۽ آغا طارق پٺاڻ آيل مهمانن کي ڀليڪار ڪندي چيو ته ملير پريس ڪلب سنڌ جي مظلوم عوام جو مورچو آهي ملير پريس ڪلب هميشه پنهنجي ماروئڙن جي قلم ذريعي خدمت ڪئي آهي، هر سال جيان هن سال به ملير پريس ڪلب پاران ثقافتي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي ۽ ان ڏينهن تي ٻوڏ متاثرين کي خصوصي طور تي ثقافتي تقريب ۾ گهرائي سندن چهرن تي ڪجهه لمحا خوشي ۾ گذارڻ جو موقعو فراهم ڪيو آهي، ٻوڏ متاثر اسان جا ڀائر آهن ثقافتي عيد ۾ کين شامل ڪرڻ جو مقصد سندن اهنجن کي گهٽائڻ ۽ ثقافتي ڏينهن جي خوشين ۾ شامل ڪرڻ آهي، ثقافتي تقريب ۾ ناليوارن راڳين استاد واحد لاشاري، گلشير چانڊيو، نامور گلوڪاره انيتا ندا، ڪومل ناز ثقافتي گيت ڳائي عوام کي جهومائي ڇڏيو جڏهن ته ناليواري شاعرن اصغر باغي، شبير لاکو، مجيد پتوجو ثقافتي شاعري پڙهي ۽ سگا جي اسڪولي ٻارڙن ثقافتي ٽيبلوز پيش ڪيا ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير پاران ايم اين اي سردار ڄام عبدالڪريم جوکيو، ڪمشنر ڪراچي محمد اقبال ميمڻ ، ايڊمنسٽريٽر ضلع ڪائونسل نور حسن جوکيو، ملير پريس ڪلب جي سينئير صحافي حمزو پنهور کي پريس ڪلب پاران مڃتا ايوارڊ ڏنا ويا ۽ آيل معزز مهمانن کي اجرڪون ۽ ٽوپين جا تحفا ڏنا ويا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں