ميرپورخاص (رپورٽ:شاھد ميمڻ) ، قومي عيد جي ڏينهن ميرپورخاص ۾ هر طرف ثقافتي رنگ وکري پيا مرڪزي ڪئمپ تي عوام جو سمنڊ اٿلي پيو ، مختلف علائقن مان عوام ريلين جي صورت ۾ مرڪزي ڪئمپ تي پهتي جڏهن ته مرڪزي ڪئمپ تي ايم پي اي ذوالفقار علي شاه ، ايس ايس پي اسد علي چوڌري ،پ پ اڳواڻ چوڌري نظام الدين ڊسٽرڪٽ بار جي صدر وڪيل شوڪت راهمون ,وڪيل علي حسن چانڊيو، وڪيل ڪانجي ڀيل ، وڪيل ڪانجي ميگهواڙ، يونس پنهور ، اقبال پنهور ، جاويد پنهور سميت ٻين پهچي سنڌي ميڊيا پاران ملهايل ثقافتي ڏينهن جي مبارڪباد پيش ڪئي جڏهن ته مرڪزي ڪئمپ تي سنڌ جي مشهور فنڪارن خوشبوءُ لغاري، ڀڳت ڀورا لال ڀٽ شاهي سميت ٻين فنڪارن پاران قومي ۽ ثقافتي گيت ڳائي هر طرف ثقافتي رنگ وکيري ڇڏيا جڏهن ته فقير رسول بخش ، ذوهيب فقير ۽ سندس گروپ پاران شرنائي تي هو جمالو ۽ ٻيون ڌنون پيش ڪري خوب داد حاصل ڪيو جڏهن شريڪ ٿيندڙن پاران هٿن ۾ ڪهاڙيون کڻي ۽ هوا ۾ اجرڪون لهرائي رقص ڪندا رهيا جڏهن ته ان موقعي تي سلمان مري پاران تقرير ذريعي ثقافت کي ڀيٽا پيش ڪئي جڏهن پنهور برادري پاران چيئرمين اقبال پنهور، جاويد پنهور جي اڳواڻي ۾ ريلي پهتي, پ پ يوٿ اڳواڻ دريا خان مري جي اڳواڻي۾،وساڻ برادري پاران شاھنواز وساڻ جي اڳواڻي ۾ ، ڳوٺ آگيڏنو پنهور مان زاهد پنهور جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪئمپ تي پهتي ، مري برادري پاران غلام محمد مري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي مرڪزي ڪئمپ تي پهتي، ايس ٽي پي پاران ڪريم ڪيريو، گلزار مگسي جي اڳواڻي ۾ سومرا اتحاد پاران مجيد سومري ۽ الطاف سومرو جي اڳواڻي۾ ريلي ڪڍي ويئي ان کانسواءُ مختلف سياسي سماجي تنظيمن پاران ريليون ڪڍيون ويون جڏهن ته اسٽيج تي پهتل ريلين ۽ مهمانن جو صدر پريس ڪلب نذير پنهور ، شاهد خاصخيلي ، شوڪت پنهور، حبيب اللھ لغاري شاھدميمڻ، امجد ڪاظمي ۽ٻين پاران آڌر ڀاءٌ ڪيو ويو آيل مهمانن کي سنڌ جي سوکڙي اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ويا ان موقعي تي مک تقريب کي خطاب ڪندي ايم پي اي سيد ذوالفقار علي شاه چيو ته سنڌ جو ثقافتي ڏينهن اسان جي قومي عيد جو ڏينهن هتي هزارين ماڻهن کي ثقافتي ويس ۾ ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي جڏهن ته ايس ايس پي اسد علي چوڌري چيو ته سنڌ صوفين ۽ ولين جي ڌرتي آهي هتان جا ماڻهو پنهنجي ثقافت ، ريتن رسمن جا امين آهن جن پاران هر سال ثقافتي ڏهاڙو ملهائي پنهجي ثقافت کي ڀيٽا پيش ڪن ٿا جڏهن ته اسٽيج جي سامهون ٻارن جي گلدستي پاران ثقافتي گيتن تي رقص ڪري محفل کي چار چنڊ لڳائي
