نوابشاهه(ڊ ر) نوابشاهه ۾ سنڌ جا شھزادہ ڪلھن تي اجرڪون اوڍي، ٽوپيون ۽ پٽڪا پھري نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران ڌرتي ماءُ کي سلام پيش ڪرڻ لاءِ پرھ ڦٽي کان سانجھي تائين مُک تقريب ۾ پتنگن جيان پھچندا رھيا قومي گيتن تي نوجوانن جون زبردست جھمريون گلن جھڙن ٻارڙن به سنڌ امڙ سان محبت جا وچن ورجايا سڄو ڏينھن عيد جيان منظر رھيو خبر موجب ثقافتي عيد جي خوبصورت ڏھاڙي تي نوابشاہ پريس ڪلب تي سموري نوابشاه شهر جي مختلف تنظيمن برادرين سياسي پارٽين ۽ شھرين کانسواءِ آس پاس جي ڳوٺاڻن ثقافتي رنگن ۾ رنگجي اڄوڪي ثقافتي عيد ڏھاڙي کي چار چنڊ لڳائي پنھنجي ثقافت توڙي ڌرتي ماءُ سان ڀرپور عقيدت ۽ اظهار ڪيو انھي حوالي سان پريس ڪلب آڏو مک تقريب ۾ شھر جي ننڍن وڏن پوڙھن پڪن نوجوانن ۽ معصوم ٻارڙن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري اڄوڪي ڏينهن کي شاندار نموني ملھائي يادگار بڻائي ڇڏيو انھي حوالي ھر سال جيان ھيل به سڀ کان وڏي ريلي جسقم پاران سڪرنڊ روڊ کان شعبان ماٽي،طارق سمون،سرفراز ميمڻ،علي رضا خاصخيلي،فرمان ملاح جي اڳواڻي ۾ ڪڍي وئي جيڪا شھر جو گشت ڪندي نوابشاہ پريس ڪلب آڏو مک تقريب ۾ شامل ٿي قومي گيتن تي رقس ڌرتي ماءُ محبت جو اظھار ڪيو سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ايس ٽي پي ھائوس شاھنواز ڪيريو،وسيم ملاح جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ شامل نوجوان قومي گيتن تي جهمريون پائيندا پريس ڪلب جي مک تقريب ۾ شريڪ ٿيا سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران مجيب ماڇي،گل حسن رند،جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي،پاڪستان پيرا ميڊيڪل اسٽاف پاران اسپتال روڊ کان در محمد بھراڻي،منظور راڄپر جي اڳواڻي۾ ريلي ڪڍي وئي جنھن ۾ پٽڪا اجرڪ ۽ ٽوپيون اوڍي آيل نوجوان قومي گيتن تي جهمريون پائي ڌرتي سان وفا جو وچن ورجايو،جيئي سنڌ محاذ پاران نظير ڇٽو ۽ مصطفي عمراڻي جي اڳواڻي ۾ شاندار ريلي ڪڍي وئي جنھن مک تقريب ۾ شرڪت ڪئي سنڌي ادبي سنگت نوابشاہ پاران بخشل باغي،امداد رند ۽ ستار سندر جي اڳواڻي۾ ھڪ ريلي ڪڍي وئي چانڊيا اتحاد پاڪستان پاران انور علي چانڊيو غلام مرتضي چانڊيو ۽ علي رضا چانڊيو جي اڳواڻي ۾ ھڪ شاندار ثقافتي ريلي مک تقريب پھتي،ڀٽي برادري پاران صداقت ڀٽي،وقار ڀٽي ۽ مزمل ڀٽي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي سولنگي قومي مومينٽ پاران ڊاڪٽر ممتاز سولنگي،دلشير سولنگي ۽ مجيد سولنگي جي اڳواڻي ۾ ھڪ وڏي ريلي ڪڍي وئي،قائد عوام ايمپلائيز ايسوسيئيشن پاران شڪيل چانڊيو جي اڳواڻي۾ ريلي مک تقريب ۾ شريڪ ٿي ان کانسواء جيئي ملاح فورم پاران شھمير خان ملاح انصاري برادري پاران وحيد علي انصاري کوکر برادريءَ پاران پرويز کوکر اقبال کوکر شھزاد کوکر چنا برادري پاران علي حسن چنو سجاد چنو عباسي اتحاد ويلفيئر پاران محمد دين عباسي،سکيرا برادريءَ پاران حافظ مقصود سکيرا،لنڊ برادريءَ ڪامريڊ ڊي ڪي لنڊ لاشاري برادري پاران شاھد لاشاري رحيم لاشاريءَ رند اتحاد پاران عبدالفتاح رند اصغر بابو رند سيال برادري پاران سردار سيال،ڪامران سيال،اوڏ برادريءَ پاران پرقاش اوڏ سنجي اوڏ،سما برادري پاران ساجد سمون مزدور اتحاد طرفان حنيف لاکو،انور چانڊيو، منظور رند ڪلھوڙا برادريءَ پاران سڪندر ڪلھوڙا،فراد ڪلھوڙو،ڀٽا برادري پاران الھداد ڀٽو فقير سوشل ويلفيئر پاران عبدالله جوکيو سھيل راڄپر ڪوري برادري پاران محمد ڪليم شاھرخ ڪوري قومي امن ڪاميٽي پاران غلام حيدر ميمڻ ياسين ڪيريو،ڪامران رند،سنڌ ھاري ڪاميٽي پاران عبدالغفار رستماڻي،ڪامريڊ آفتاب رستماڻي،وڪيل برادري پاران وسيم ملاح،ڪنمب ليما مان فقير ماجد علي جمالي،غلام رسول جمالي،مغيري برادري پاران ڪامريڊ امداد مغيري، منير مغيري، رفيق مغيري،علي رضا مغيري،ڳوٺ صاحب خان بھراڻي مان بچل بھراڻي صدام خان بھراڻي،لاکا برادري پاران شاھد لاکو رجب لاکو جوڻيجا برادري پاران عاشق جوڻيجو انڙ برادري پاران حفيظ انڙ،ابڙا اتحاد پاران فياض ابڙو ء جان محمد ابڙو جي اڳواڻي۾ شاندار ريليون ڪڍيون ويون ريلين ۾ شامل نوجوانن ٻارڙن توڙي ٻڍن کي ثقافتي لباس اجرڪ ٽوپيون ۽ پٽڪا پاتل ھئا ۽ جڏھن ته ريلين ۾ آيل شھرين پنھنجي گاڏين کي اجرڪ سان ڪنوار وانگر سينگاري پنھنجي ثقافت سان محبت جو اظھار ڪيو ۽ جھمريون پائي رقص ڪندا مک تقريب ۾ شريڪ ٿيا جڏھن قلندري سنڌ دھل شھنائي گروپ پاران تقريب دھل ۽ شرنائي مختلف قومي ڌنون ٻڌائي تقريب ۾ آيل سنڌ جي پروانن کي جهومڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو جڏھن ته رڪشا يونين جي رحمت پٺاڻ اياز خاصخيلي پرويز خان رشيد ابڙو پاران ھڪ مھيني جي محنت سان تيار وڏي ٽوپي کڻي رقص ڪندا مک تقريب پھتا جيڪا ٽوپي سڄي تقريب جي توجهه جو مرڪز بڻيل رھي جڏھن مختلف سياسي،سماجي،ڪاروباري،علمي،ادبي تنظيمن کانسواءِ ٻھراڙيءَ مان آيل ننڍيون وڏيون ريليون پڻ مک تقريب ۾ شامل ٿيون صبح کان شام تائين پريس ڪلب روڊ سنڌي ٽوپين ۽ اجرڪن سان جرڪندو رھيو ۽ ثقافتي عيد تازو ٻوڏ متاثر ھئڻ باوجود گذريل سال وارين تقريبن کان به وڌيڪ جوش ۽ جذبي سان ملھائي وئي نوابشاہ پريس ڪلب پاران ثقافتي ريليون ڪڍي ايندڙ جي اسٽيج تان ناميارو صحافي ذوالفقار خاصخيلي،اڪرم چانڊيو،امير چانڊيو،تاج رند، امداد مغيري آجيان ڪرڻ سان گڏ ريلين مٿان گلن جي ورکا پڻ ڪندا رھيا.
