نواب ولي محمد(ن س) نواب ولي محمد ڀرسان سنڌي ميڊيا جي سڏ تي مختلف سياسي سماجي تنظيمن پاران ثقافتي ريليون،قومي گيتن تي رقص جھمريون، سرڪاري کوه اسٽاپ تي سوشل ورڪر ٽيم جي جوشيلي جوانن رفيق کورکاڻي، گلشير کورکاڻي، رضا محمد چانڊيو،نور احمد جي اڳواڻي ۾ ثقافتي ريلي نڪتي ريلي نواب ولي محمد شهر پهتي جتي . جسقم جي غلام شبیر سنگراھ، سياسي سماجي اڳواڻ ،صحافي نيشنل پريس ڪلب نوابشاه جي نائب صدر سينئر صحافي يوسف رند ،پريس ڪلب نواب ولي محمد جي صدر ظفر علي چانڊيو ۽ وڏي انگ عام شهري به ريلي ۾ شامل ٿي ويا. . ريلي جلوس جي صورت اختيار ڪري وئي ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي مٿي ڄاڻايل اڳواڻن چيو ته سنڌي ثقافتي ۽ تھذيبي رسمن جا پنهنجا اھڃاڻ موجود آهن سنڌي ثقافت ۽ تھذيب ۾ اجرڪ ۽ ٽوپي کي ھڪ اعلي رتبو ۽ مقام حاصل آهي جنهن کي سنڌ ۽ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ تمام گهڻي عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جي پنهنجي ھڪ اھميت آهي، اجرڪ ۽ ٽوپي سنڌ جي سونهن آهن جيڪا پنهنجن پيارن دوستن عزيزن ۽ ٻاھران آيل مهمانن کي اجرڪ ۽ ٽوپي جو تحفو ڏنو ويندو آهي ۽ فخر محسوس ڪيو ويندو آهي
