ڄامشورو(رپورٽ,ربڏنو ابڙو) ڄامشورو ثقافتي رنگن سان مهڪي پيو، هر طرف اجرڪ جي ڦلڙين ۽ ٽوپين جي ستارن جا چمڪاٽ، پريس ڪلب جي ميزباني هيٺ مک تقريب، 20 کان وڌيڪ ثقافتي ريليون پهتيون، المنظر پل تي سنڌين جا ميلا متل قومي گيتن تي نوجوانن، ٻارڙن سميت پوڙهن پڪن جو رقص، سنڌالاجي ۾ به وڏي انگ ناريون ۽ نوجوانن پهچي رکيل ثقافتي شيون گهمي ڏٺيون سنڌي ثقافت سان والهانا محبت جو اظهار، ڄامشوري ۾ ثقافتي ڏينهن تي هرطرف سنڌي ٽوپي اجرڪ ۽ پٽڪو پهريل نوجوان، ٻارڙن سميت هر عمر جي ماڻھو ثقافتي ڏينهن شاندار طريقي سان ملهايو، ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب جي صحافي اڳواڻن صدر عرفان برفت، شريف ابڙو، خواستي بروهي، نديم پنهور، ربنواز ابڙو، مير مرتضي نوحاڻي، سهيل جويو، حيات ميراڻي، صدر جوڻيجو، رحيم بلوچ حاجي خان سيال، نور علي محمد مگسي جي ميزباني هيٺ ثقافتي مک تقريب فلاء اوور برج ويجهو سنڌيونيورسٽي جي پراڻي پيٽرول پمپ تي منقعد ڪئي وئي جيڪا ٿوري وقفي بعد 24 ڪلاڪ جاري رهي، جتي مزاحيه فنڪار منظور چانڊيو، ماڻھن کي وقتن به وقت کلائيندو رهيو، مک تقريب ۾ ناليوارن فنڪارن، خوشبوگل، چنيسر تيوڻو، ننڍڙو جلال محمد علي چانڊيو، امداد چانڊيو ۽ ٻين سڄو ڏينهن تقريب ۾ ڳائي ماڻھن کي جهومائي ڇڏيو سنڌترقي پسند پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي جو ننڍو موڀي پٽ محمد سائين مگسي ايس ٽي ڪارڪنن سان گڏ تقريب ۾ شامل ٿيو، جسقم ڄامشوري پاران ڪامريڊ سومر خان جمالي، عابد جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پهرين پيادل ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪيو جنهن بعد مختلف گاڏين تي ريلي ڪڍي پاور هائوس، سيدآباد ڪالوني، سنڌيونيورسٽي هائوسنگ سوسائٽي ۽ المنظر پل تي گشت ڪندي قومي ڪلامن تي رقص ڪندي نعريبازي ڪندا رهيا جنهن بعد مک تقريب ۾ پهتا، دڪاندار يونين اڳواڻن اصغر ناريجو، عبدالحميد تيوڻو ۽ ٻيا وفد جي صورت ۾ تقريب ۾ شامل ٿيا، ڄامشوري جا نوجوان اجرڪ ٽوپيون پائي آصف شورو، شوڪت شورو، ياسين برهماڻي، امتياز چانڊيو ۽ نويد سهاڳ جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي تقريب ۾ پهتا، ڄامشوري جي نوجوانن زاهد راهوجو ۽ بلاول چانڊيو جي اڳواڻي ۾ ثقافتي لباس اوڍي شاندار ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪيو ۽ المنظر کان ٿيندي مک تقريب ۾ شامل ٿيا، سنڌيونيورسٽي جي ملازمن جي تنظيم سيوا جو صدر محمد علي گهانگهرو جي اڳواڻي ۾ ملازم اجرڪ ۽ ٽوپيون پهري تقريب ۾ شامل ٿيا، لمس يونيورسٽي جي ملازم يونين لسوا جو اڳواڻ اعجاز برفت، شاهنواز برفت وفد جي صورت ۾ مک تقريب ۾ شامل ٿيا، سماجي تنظيم شلوا جو چيئرمين ڪامريڊ جوشيلو سنڌي ريلي جي صورت ۾ تقريب ۾ شامل ٿيو، واپڊا يونين اڳواڻ مظفر قريشي وفد جي صورت ۾ تقريب ۾ پهتو، ايس يو پي جو مرڪزي اڳواڻ حافظ بخشل سيهڙو، جاويد شورو وفد سان گڏ پهتو، اجرڪ ٽوپيون پٽڪا پهريل سڄاڻ ڌرين، شهري اڳواڻن، واپاري اڳواڻن پاران ثقافتي ريلي ڪڍي فلاء اوورپل جو گشت ڪندي ثقافت زنده آباد جي نعريبازي ڪئي. ايس ٽي پي ضلعي صدر ساگر عالماڻي، تعلقي صدر مبين تيوڻو وفد جي صورت ۾ تقريب ۾ شامل ٿيا، ڄامشورو اتحاد جي اڳواڻن ممتاز راهوجو، نبي داد لغاري وفد جي صورت ۾ تقريب ۾ پهتا، پ پ تعلقي صدر سيد فيض محمد شاهه، يوٿ اڳواڻ رابيل ملاح وفد جي صورت ۾ پهتا، شهري ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن ياسين ڊومڪي، ضمير تيوڻو دربان عالماڻي به وفد جي صورت پهتا، جي يو آء اڳواڻ حافظ جميل احمد لغاري به وفد سميت شامل ٿيو. سيوا شاهه لطيف اڳواڻ مصطفي چانڊيو، سماجي اڳواڻ شيخ عبدالله ڪوهستاني به وفد سميت پهتا. پ پ شهيد ڀٽو جو ضلعي اڳواڻ ڪامريڊ سليمان ڀلائي به وفد جي صورت جي صورت ۾ شامل ٿيو، سماجي اڳواڻ روشن برهماڻي، بحر بوٿرائي ماما يعقوب نوحاڻي، سيد ممتاز شاهه، سيد حيدرعلي شاهه، شاگرد اڳواڻ عرفان نوحاڻي تقريب ۾ شامل ٿيا ان سان گڏ مختلف علائقن مان 20 کان وڌيڪ ننڍيون وڏيون ثقافتي ريليون ڪڍيون ويون جيڪي مک تقريب ۾ وقتن به وقت شامل ٿينديون رهيون جتي صبح 11 وڳي کان شام تائين ميلو متل رهيو ثقافتي ويس اوڍيل نوجوان ٻارڙا قومي ۽ صوفي گيتن تي رقص ڪندا رهيا ۽ جيئي سنڌ جيئي سنڌي ثقافت جا نعرا هڻي پنهنجي ثقافت سان والهانا محبت پيار جو اظهار ڪندا رهيا. مک تقريب سميت مختلف ريلين کي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو آهي ته ڪاوش گروپ ثقافتي ڏينهن ويڙها وري وسندا۔ خوشحال ٿيندي سنڌ جو سڏ ڏئي بهترين قدم کنيو آهي ڇوجو برساتن ۽ ٻوڏ بعد سنڌ جو تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي ۽ وري ويڙها وسندا سموري سنڌ خوشحال ٿيندي. مقررن جو چوڻ هو ته موهن جي دڙو جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته سنڌي 5 هزار سال اڳ کان هڪ مهذب سڌريل قوم آهي جن دنيا کي ڪپڙو ٺاهڻ ۽ پائڻ سيکاريو ۽ شاهوڪار ثقافت جا وارث آهيون اسان ثقافتي ڏينهن ملهائي دنيا آڏو پنهنجي ثقافتي ۽ تهذيبي تاريخ کي ياد ڏيارڻ ۽ پنهنجي ثقافت کي متعارف ڪرائي رهيا آهيون ته اسان سجاڳ قوم آهيون، مقررن جو چوڻ هو ته نااهل حڪومتون ۽ غلط رياستي پاليسين سبب سنڌ هن وقت معاشي بدامني ۽ مهنگائي جي ور چڙهي وئي آهي، ٻوڏ سبب سنڌين جو اربين روپيه نقصان ٿيو آهي لکين ماڻھو بيروزگار بڻجي ويا آهن ۽ سندن رهڻ لاء گهر به نه رهيا جيڪي غريب ماني ويلي لاء پريشان آهن حڪومت سندن واهر ڪرڻ لاء تيار ناهي ۽ ٻئي پاسي ڌارين جون يلغارون سنڌ ۾ اچن پيون سنڌ کي چوطرف گهيريو پيو وڃي هاڻ ثقافتي ڏينهن ملهائڻ تي به اڻ اعلانيا پابندي لڳائي وئي آهي ان جو مثال سنڌيونيورسٽي 113 شاگردن ۽ هڪ شاگردياڻي تي بغاوت جو ڪيس داخل ڪيو آهي جنهن جي مذمت ڪجي ۽ اسان کي پاڻ ۾ ٻڌي قائم ڪرڻي پوندي ۽ تعليم طرف وڌيڪ ڌيان ڏيڻو پوندو سنڌ جا مست الستي ماڻھو هن وقت باشعور آهن هر سازش کي سمجهن ٿا ۽ ان جو پرپور مقابلو به ڪن ٿا، اسان جو مطالبو آهي ٻوڏ متاثرن مڪمل بحالي ڪئي وڃي ۽ سنڌ مان سمورن ڌارين کي نيڪالي ڏني وڃي. هوڏانهن المنظر تي سڄو ڏينهن وڏي رش رهي سنڌي لباس پهريل نوجوان ناريون ۽ ٻارڙا ريلين ۽ ٽولن جي صورت ۾ پهچي سنڌي ثقافت سان محبت پيار جو اظهار ڪيو، المنظر تي نوجوان قومي گيتن تي رقص پڻ ڪندا رهيا ۽ ٻيڙين ۾ سوار ٿي درياء بادشاهه جو سير ڪري انجواء ڪيو. المنظر تي ماڻھن جي وڏي پيڙهه سبب روڊ مسلسل بلاڪ ٿيندو رهيو موجود پوليس سڄو ڏينهن گاڏين کي ڪراس ڪرائيندي رهي. سنڌ يونيورسٽي سنڌالاجي ۾ پڻ سڄو ڏينهن شهرين، شاگردن ۽ شاگردياڻين جي وڏي رش رهي جتي رکيل سنڌي ثقافتي شين کي گهمي ڏٺو ۽ ثقافت بابت ڄاڻ حاصل ڪئي پنهنجي سنڌي ثقافت سان محبت جو اظهار ڪيو. تقريب ۾ سماجي اڳواڻ شيخ عبدالله ڪوهستاني، ڄامشورو اتحاد جي اڳواڻن ممتاز راهوجو، نبي داد لغاري ۽ پ پ اڳواڻ آغا سيف خان ڄامشوري جي صحافين کي اجرڪن ۽ ٽوپين جا تحفا پيش ڪيا.
