ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين سنڌ ثقافتي رنگن سان رڱجي وئي، ٻوڏ متاثرن سان يڪجهتي جو اظهار

ڪراچي (نمائندن وٽان)  سنڌ اڄ ثقافتي رنگن سان رڱجي وئي، ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ اڄ ثقافتي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي. روزاني سنڌ سميت ٻين ميڊيا گروپن جي سڏ تي ڪالهه سڄي سنڌ ۾ ثقافتي تقريبون ٿيون. جڏهن ته ثقافتي ريليون پڻ ڪڍيون ويون. ان موقعي تي ٻوڏ متاثرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويو. ڪراچي ۾ مُک ثقافتي تقريب پريس ڪلب ٻاهران منجهند 12وڳي کان رات تائين جاري رهي، جنهن ۾ ناليوارا فنڪار سرن جي ورکا ڪئي. هوڏانهن حيدرآباد، سکر، ميرپورخاص، نواب شاهه، لاڙڪاڻو، دادو،قمبر، جيڪب آباد، شڪارپور، ڪشمور، گهوٽڪي، خيرپور، نوشهرو فيروز، مٽياري، سانگهڙ، عمرڪوٽ، ٿرپرڪر، بدين، ٺٽو، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو الهيار ۽ ڄام شورو ضلعن ۾ ثقافتي ريليون ڪڍيون ويون،جن ۾ قومي گيتن تي رقص ڪيو ويو. جڏهن ته مچ ڪچهريون ۽ ثقافتي جلسا پڻ منعقد ڪيا ويا. جن ۾ سياسي، سماجي تنظيمن جا ڪارڪن ۽ عام شهرين شرڪت ڪئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں